اسلام آباد-16 سيپٽمبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته پاڪستان افغانستان ۾ جٽادار امن ج?? خواهشمند آهي، دنيا کي افغانستان ۾ زميني حقيقتن کي سمجهڻ جي ضرورت آهي، طالبان کي حڪومت سازي ۽ ملڪي معاملا هلائڻ ۾ وقت ڏيڻ گهرجي. اهڙو اظهار هن گڏيل قومن ج?? پناهگيرن ج?? هاءِ ڪمشنر فيلپو گرانڊي سان ڳالهائيندي ڪيو، جنهن گذريل ڏينهن هتي ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ افغانستان مان پرڏيهين ج?? واپسي ۽ افغان شهرين لاءِ انساني امداد بابت ڳال??يو?? ڪيون ويون. ملاقات ۾ اتفاق ڪيو ويو ته افغان شهرين کي موجوده حالتن ۾ اڪيلو نه ڇڏيو وڃي ۽ انساني بنيادن تي افغان شهرين لاءِ خوراڪ، دوائن ۽ ٻين ضروري شين ج?? بندوبست ڪيو وڃي. گهرو وزير چيو ته پاڪستان پاڙيسري ملڪ افغانستان ۾ جٽادار امن ج?? خواهشمند آهي، طالبان کي حڪومت سازي ۽ ملڪي معاملن کي هلائڻ ۾ وقت ڏيڻ گهرجي، دنيا کي افغانستان ۾ زميني حقيقتن کي سمجهڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته طالبان کي افغانستان ۾ حڪمرانيءَ لاءِ مالي ۽ انساني وسيلا يقيني بڻائڻا پوندا، طالبان ج?? اثر هيٺ حڪومت افغانستان ج?? هڪ ئي ڏينهن ۾ يورپ جي ترقي ممڪن ناهي، افغانستان ۾ امڪاني انساني ڏُڪار بدامني ۽ لاقانونيت کي جنم ڏئي سگهي ٿ??. هن چيو ته انساني همدرديءَ تحت خوراڪ ۽ دوائن ج??ن ٽرڪون ۽ جهاز افغانستان اُماڻيا آهن. موجوده حالتن ۾ پاڪستان افغان شهرين ج?? انساني همدردي جي بنياد تي امداد جاري رکندو. گهرو وزير چيو ته هاڻوڪي تناظر ۾ پاڪستان ۾ نڪو افغان پناهگير آهي نه ئي افغان ڪيمپ. افغانستان مان غير ملڪي ۽ افغان شهرين کي ڪڍڻ لاءِ سهولت مرڪز 24 ڪلاڪ ڪم ڪري رهيو آهي. ملاقات ۾ پناهگيرن بابت هاءِ ڪمشنر چيو ته پاڪستان طرفان 30 لک افغان پناهگيرن ج?? لڳاتار سارسنڀال ۾ ڪردار واکاڻ جوڳو آهي. گڏيل قومون افغان شهرين کي اڪيلو نه ڇڏينديون، انهن ج?? هر ممڪن مدد ڪئي ويندي. گڏيل قومن افغانستان لاءِ فنڊ ۽ امداد لاءِ عالمي برادريءَ کي متحرڪ ڪيو آهي. هن چيو ته گڏيل قومن ج?? عملي جي سيڪيورٽي ۽ ويزا سهولت فراهم ڪرڻ تي پاڪستان حڪومت جا شڪرگذار آ??يو??. گهرو وزير پاڪستان ۾ افغان پناهگيرن ج?? امداد تي گڏيل قومن ج?? پناهگيرن بابت هاءِ ڪمشنر جا ٿورا مڃيا.
پاڪستان افغانستان ۾ جٽادار امن جو خواهشمند آهي، دنيا کي افغانستان ۾ زميني حقيقتن کي سمجهڻ جي ضرورت آهي: شيخ رشيد احمد
مضمون کا ماخذ : فا فا فا ۔