اسلام آباد – 12 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي صوفين ۽ اوليائن جي تعليم جي پيروي تي زور ڏيندي چيو آهي ته صوفين ۽ اوليائين سدائين انسانيت جي ترغيب ڏني آهي ۽ انهن پنهنجي تعليم سان مس??ما??ن ۾ محبت، ڀائيچاري، گڏيل احترام ۽ اتفاق ۽ اتحاد جو پرچار ڪيو. صدر اها ڳالهه حضرت عب??ال??ادر شاهه جيلاني بغداد جي سجاده نشين شيخ سيد خالد عب??ال??ادر منصورالجيلاني سان گڏ ايندڙ وفد سان ملاقات ۾ ڳالهائيندي چئي. مذهبي معاملن وارو وفاقي وزير پير نورالحق قادري، پاڪستان ۾ عراق جو سفير حامد عباس لفتاح ۽ سينيئر حڪومتي آفيسر پڻ موجود هئا. صدر چيو ته اسان سڀني کي اوليائن ۽ صوفين جي تعليم تي عمل پيرا ٿيڻ جي ضرورت آهي، اوليائن ۽ صوفين انسانيت، مس??ما??ن ۾ محبت، ڀائيچاري، گڏيل احترام ۽ اتحاد کي فروغ ڏنو. صدر چيو ته صوفين اسلامي قدرن جي تعليم جي ذريعي معاشري جي اصلاح لاءِ نمايان خدمتون سرانجام ڏنيون ۽ اسلام جي پيغام کي پوري دنيا خاص طور تي وچ ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ پکيڙيو. صدر چيو ته حضرت عب??ال??ادر شاهه جيلاني سڄي زندگي اخلاقي قدرن کي برقرار رکيو ۽ اسلامي تاريخ جي مشڪل وقت ۾ قرآن ۽ سنت جي رو??ني ۾ معاشري جي اصلاح ڪئي. صدر چيو ته حڪومت ۽ مختلف مڪتبه فڪر جا اڳواڻ ملڪ ۾ مذهبي ڀائيچاري، گڏيل احترام ۽ بين المذاهب هم آهنگي جي فروغ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آه??. ا??لامو فوبيا جو ذڪر ڪندي صدر چيو ته اسلامو فوبيا جي چئلينج تي موثر طريقي سان ضابطو آڻڻ جي لاءِ مس??ما?? ملڪن جي وچ ۾ اتحاد کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. صدر سجاده نشين حضرت عب??ال??ادر شاهه جيلاني پاران ڪيل ف??احي ڪمن کي ساراهيو. بعد ۾ صدر وفد جي مان ۾ آجياڻي جي ميزباني پڻ ڪئي. شيخ سيد خالد عب??ال??ادر منصورالجيلاني ميزباني ۽ شاندار استقبال تي صدر جا ٿورا مڃيا. هن صدر کي بغداد جي دوري جي دعوت پڻ ڏني.
صوفين ۽ اوليائين سدائين انسانيت جي ترغيب ڏني آهي: صدر
مضمون کا ماخذ : estratégias loteria وفاقی