ڪراچي – 20 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪ ترڪ لاڳاپن کي نئين بلندين تائين وٺي وڃڻ جو آغاز ٿي ويو آهي، ٻئي ملڪ هر مشڪل گهڙي ۾ هڪ ٻئي جو ڀرپور ساٿ ڏنو، پي اين ايس بدر پ??ڪس??ان ۽ ترڪي جي سهڪار جو بهترين مثال آهي، جلد پ??ڪس??ان جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ ترڪي جو وڏو حصو هوندو، سي پيڪ منصوبو علائقائي رابطن جي فروغ لاءِ نهايت اهم آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار ڪراچي شپ يارڊ اينڊ انجنيئرنگ ورڪس ۾ پاڪ بحريه جي ٽئين ملجم ڪلاس ڪارويٽ بحري جهاز پي اين ايس بدر جي لانچنگ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. بحري جهاز ترڪي جي ايم ايس اسفات جي تعاون سان ڪراچي شپ يارڊ ۾ تيار ڪيو ويو آهي. ويراعظم چيو ته ان تقريب ۾ شرڪت ڪرڻ منهنجي لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي، پاڪ بحريه جي سربراهه، ترڪي ڪم??ني ۽ شپ يارڊ جي عملي کي ان عظيم ڪاميابي تي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته پي اين ايس بدر پ??ڪس??ان ۽ ترڪي جي سهڪار جو بهترين مثال آهي، پاڪ ترڪ لاڳاپن کي نئين بلندين تائين وٺي وڃڻ جو آغاز ٿي ويو آهي، ترڪي جي صدر رجب طيب اردوان پ??ڪس??ان جو ڀاءُ ۽ دوس?? آهي ۽ هو پ??ڪس??ان ڪاز جو وڏو حامي آهي، سندس دور ۾ ٻطرفي ڀائراڻي لاڳاپن کي استحڪام حاصل ٿيو آهي ۽ اسان جا لاڳاپا پرڏيهي پاليسي سان جهاز سازي ۽ ٽرانسپورٽ کان صحت جي شعبن تائين پکڙجي ويو آهي ۽ ٻطرفي لاڳاپن کي گڏيل فائدي لاءِ اسان عظيم بلندين تائين وٺي وينداسين. پي اين ايس بدر جي لانچنگ سان پاڪ ترڪ لاڳاپن ۾ نئين دور جو آغاز ٿي ويو آهي، پ??ڪس??ان ۽ ترڪي هڪ قوم آهن جيڪي ٻن مختلف ملڪن ۾ رهن ٿيون، ڪورونا دوران جهاز جي تياري ٻنهي ملڪن جي وڏي ڪاميابي آهي ۽ پاڪ بحريه ۽ ترڪي جي ڪم??نين جي وچ ۾ تعاون سان اسان جا لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿيندا ۽ اسان ترڪي جي مهارت ۽ ٽيڪنالاجي مان فائدو کڻنداسين. پ??ڪس??ان جي ڊگهي ساحلي پٽي آهي، واپاري ۽ صنعتي سرگرمين کي فروغ ڏئي اسان اڳتي وڌي سگهون ٿا. هن چيو ته سي پيڪ منصوبو علائقائي رابطن جي فروغ لاءِ نهايت اهم آهي ۽ گو??در ان جو مرڪز بڻجي رهيو آهي، سي پي?? کي ترڪي تائين سگهه ڏئي سگهجي ٿي، جنهن سان علائقي جي ماڻهن کي فائدو ٿيندو. هن چيو ته پ??ڪس??ان ۽ ترڪي جي عوام جي فائدي لاءِ دفاع، پرڏيهي پاليسي ۽ صحت جي شعبن ۾ گهڻ رخو تعاون نئين بلندين کي ڇهي رهيو آهي، پي اين ايس بدر جي لانچنگ سان ڪراچي پورٽ ۽ قاسم پورٽ ۾ ميري ٽائيم سرگرميون وڌنديون جنهن سان مالياتي ۽ صنعتي ترقي کي فروغ ملندو، اهو سنگ ميل عبور ڪرڻ تي پاڪ بحريه جي سربراهه، سندس ٽيم ۽ دفاع واري وزير جون ڪوششون واکاڻ جوڳيون آهن، پ??ڪس??ان جي حڪومت ملڪ ۾ اقتصادي رابطا وڌائڻ لاءِ بنيادي ڍانچي کي سگهه ڏئي رهي آهي، ترڪي سان تعاون جا مثبت اثر پوندا، ترڪي سان ننڍي کنڊ جي مسلمانن جا لاڳاپا قيام پ??ڪس??ان کان پهرين جا آهن ۽ جلد پ??ڪس??ان جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ ترڪي جو وڏو حصو هوندو. هن چيو ته ترڪي 2005ع جي زلزلي ۽ 2010ع جي ٻوڏ جي تباهڪارين کانپوءِ پ??ڪس??ان جي ڀرپور مدد ڪئي ۽ صدر رجب طيب اردوان ۽ سندس گهرواريءَ ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو به ڪيو هو ۽ ترڪ خاتون اول متاثرين لاءِ هار جو عطيو به ڏنو، اهو اسان جي تاريخ جو يادگار لمحو آهي جنهن کي ڪڏهن به وساري نٿو سگهجي، ان موقعي تي وزيراعظم ڪراچي شپ يارڊ اينڊ انجنيئرنگ ورڪس جي عملي لاءِ 10 ڪروڙ روپين جو به اعلان ڪيو. پاڪ بحريه جي سربراهه ايڊمرل امجد خان نيازي چيو ته پ??ڪس??ان ۽ ترڪي جي وچ ۾ دفاعي لاڳاپا فروغ وٺي رهيا آهن، پاڪ بحريه ملڪي دفاعي ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ مڪمل طور تي تيار آهي، قومي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۾ ڪراچي شپ يارڊ جو اهم ڪردار آهي، ان موقعي تي ترڪي جي صدر رجب طيب اردوان جو پيغام به پڙهي ٻڌايو. هن خاطري ڪرائي ته ترڪي پ??ڪس??ان سان عسڪري تعاون کي فروغ ڏيندو، ترڪي ۽ پ??ڪس??ان جي وچ ۾ تاريخي لاڳاپن جو زڪر ڪندي هن چيو ته اهو منصوبو ٻنهي ملڪن جي مضبوط ۽ مستحڪم لاڳاپن ۽ تعاون جو هڪ وڏو مثال آهي، پ??ڪس??ان جاگرافيائي بيهڪ جي لحاظ کان ڏکڻ ايشيا جو اهم مل?? آهي ۽ پ??ڪس??ان ۽ پ??ڪس??ان جي عوام جي اسان جي ويجهو وڏي اهمي?? آهي، هن چيو ته ان منصوبي تحت ٻيو بحري جهاز سيپٽمبر ۾ استنبول ۾ لانچ ڪيو ويندو، ان موقعي تي ترڪي جي دفاع واري وزير هولوسي آقار چيو ته پ??ڪس??ان ۽ ترڪي جا لاڳاپا هڪ نئين مرحلي ۾ داخل ٿي ويا آهن، پي اين ايس بدر پاڪ بحريه جي دفاعي صلاحي?? کي مضبوط بڻائڻ ۽ علائقي ۾ امن ۽ استحڪام ۾ مددگار ثابت ٿيندو، اهو جهاز جديد ٽيڪنالاجي سان ليس آهي، 2023ع، 2024ع ۽ 2025ع ۾ وڌيڪ بحري جهاز به لانچ ڪيا ويندا، هن چيو ته جديد ٽيڪنالاجي تي دارومدار دنيا ۾ وڌندو پيو وڃي، اسان جي دفاعي صنعت اعليٰ معيار رکندڙ آهي، ترڪي جي عوام پ??ڪس??ان کي وڏي اهميت ڏي ٿي ۽ اسان جي گڏيل لاڳاپن جي نوعيت ٻين ملڪن کان مختلف آهي، ٻئي ملڪ هر مشڪل گهڙي ۾ هڪ ٻئي جو ساٿ ڏنو آهي ۽ صدر رجب طيب اردوان جي قيادت ۾ ترڪي هر شعبي ۾ ترقي ڪئي آهي، اميد آهي ته ٻئي ملڪ اهڙن وڌيڪ منصوبن تي به ڪم ڪندا جنهن سان ٻنهي ملڪن جي دوستي ۽ پ??ڪس??ان جي دفاعي قوت ۾ اضافو ٿيندو.
پاڪ ترڪ لاڳاپن کي نئين بلندين تائين وٺي وڃڻ جو آغاز ٿي ويو آهي: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : خیبر پختونخوا لاٹری