اسلام آباد– 03 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف قومي ادارن جي خلاف عمران خان جي مهم جي سخت مذمت ڪندي چيو آه?? ته پاڪستان جي قومي مفادن سان کيڏندڙن کي قانون کي جواب ڏيڻو پوندو، عوام کانپوءِ سازشي هاڻي ادارن ۾ انتشار پکيڙڻ جي سازش ڪري رهيو آه??. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موج?? وزيراعظم قومي ادارن جي خلاف عمران خان جي مهم جي سخت مذمت ڪئي آه??. وزيراعظم چيو ته رنگي هٿ پڪڙيو ويندڙ چور هاڻي ادارن کي بدنام ڪري پنهنجي ڏوهه جي سزا کان بچڻ چاهي ٿو. عوام کانپوءِ سازشي هاڻي ادارن ۾ انتشار پکيڙڻ جي سازش ڪري رهيو آه??. وزيراعظم چيو ته سفارتي سائفر ?? ڦيرڦار ڪري قومي سلامتي سان کيڏيو ويو، قانون کي منهن ته ڏيڻو پوندو. پاڪستان جي قومي مفادن سان کيڏندڙن کي قانون کي جواب ڏيڻو پوندو. وزيراعظم چيو ته قانون سڀني جي لاءِ برابر آه??، مقبول هجڻ جو مطلب قانون کان مٿانهون هجڻ ڪيئن ٿ?? ويو؟ توهان جي آڊيو ليڪس پاڪستان جي مفادن جي خلاف سنگين سازش بي نقاب ڪري ڇڏي.
وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران قومي ادارن جي خلاف عمران خان جي مهم جي سخت مذمت
مضمون کا ماخذ : melhores loterias do Brasil