ملتان – 24 – فيبروري (اي پي پي) خاتون اول بيگم ثمينه عارف علوي چيو آه?? ته معاشري مان عورتن جي خلاف تشدد جي خاتمي لاءِ ڪوششون تيز ڪرڻيون پوندي??ن، پاڪستان ۾ اسلامي تعليم موجب عورتن کي ان جي جائيداد جي حقن جي فراهمي يقيني بڻائڻ جي ضرورت آه??، سڄي ملڪ ۾ عورتن کي انهن جي جائيداد جا حق حاصل ڪرڻ جي لاءِ لاڳاپيل ادارن ۽ عورتن تي تشدد جي خاتمي بابت مرڪزن بابت وڌ کان وڌ آگاهي فراهم ڪئي وڃي ته جيئن تشدد يا زيادتي جو نشانو بڻجندڙ عورتن کي مشڪلاتن مان نه گذرڻو پوي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سوشل ويلفيئر ڪمپليڪس ملتان ۾ عورتن تي تشدد جي خاتمي واري مرڪز جي دوري دوران ڪيو. عملدارن کيس مرڪز ۾ ڏيندڙ سهولتن ۽ مختلف شعبن جي ڪمن بابت بريفنگ ڏني. ان موقعي تي ڳالهائيندي خاتون اول چيو ته ڪنهن به معاشري جي ترقي لاءِ عورتن جي ڪردار کان انڪار نه ٿو ڪري سگهجي. اسلام مرد ۽ عورت جي حقن ۽ فرضن جو تعين ڪري ڇڏيو آه??. هڪ مثالي اسلامي معاشري ۾ جيڪي عورتن کي حق حاصل هوندا آه?? اهي ڪنهن ٻئي معاشري ۾ حاصل نه آه??، پاڪستان ۾ عورتن کي زندگي جي سمورن شعبن ۾ اڳتي وڌڻ تي ڌيان ڏنو پيو وڃي پر انهن ڪوششن کي وڌيڪ تيز ۽ موثر بڻائڻو پوندو. بيگم ثمينه علوي چيو ته پاڪستان ۾ عورتن جي حقن جا قانون موجود آه?? پر انهن تي مڪمل طور تي عملدرآمد جي ضرورت آه??. ملتان ۾ قائم عورتن تي تشدد جي خاتمي واري مرڪز جي حوالي سان ڳالهائيندي هن چيو ته هي مرڪز ون ونڊو آپريشن جون خدمتون فراهم ڪري ٿو ۽ هتي تشدد يا زيادتي جو نشانو بڻجندڙ عورتن کي تحفظ ڏنو وڃي ٿو. هن چيو ته عورتن تي تشدد جي خاتمي واري مرڪز ملتان جي ڪم کي ساراهيندي مرڪز بابت وڌ کان وڌ آگاهي فراهم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ثمينه عارف علوي چيو ته ان حوالي سان اسڪولن، مارڪيٽن، اسپتالن، ريلوي اسٽيشنز، ايئرپورٽس، پوليس ٿاڻن ۽ عدالتن سميت ٻين اهم جاين تي آگاهي پمفليٽ لڳايا وڃن. عورتن تي تشدد جي خاتمي وارو مرڪز ون ونڊو آپريشن جي حيثيت رکي ٿو، ??تي عورتن کي تحفظ ڏنو وڃي ٿو. تشدد جي خاتمي واري مرڪز جو مقصد تشدد يا زيادتي جو نشانو بڻجندڙ عورتن کي مشڪلاتن کان بچائڻ ۽ انهن کي تحفظ فراهم ڪرڻ آه??. متاثر ع??رتون ٽول فري نمبر 1043 تي رابطو ڪري عورتن تي تشدد جي خاتمي واري مرڪز کي پنهنجي شڪايتن کان آگاهه ڪري سگهن ٿي??ن، جنهن کانپوءِ مرڪز پاران انهن کي هر قسم جي مدد فراهم ڪئي ويندي آه??. متاثر ع??رتن جي گهر وڃي مدد فراهم ڪئي وڃي ٿي، جيڪڏهن متاثر ع??رت کي سينٽر تي آڻڻ جي ضرورت محسوس ٿيندي آه?? ته انهن کي اتي آندو ويندو آه?? ??تي عورت پوليس اهلڪار انهن جون ايف آءِ آر داخل ڪنديون آه??. عورتن کي مدد ۽ مشورا فراهم ڪيا ويندا آه?? ۽ جيڪڏهن تشدد ٿيو هجي ته طبي سهولتون به ڏنيون وڃن ٿيون. ان کانسواءِ مرڪز ۾ شيلٽر هوم ۽ پراسيڪيوشن جي سهولت به موجود آه??.
معاشري مان عورتن جي خلاف تشدد جي خاتمي لاءِ ڪوششون تيز ڪرڻيون پونديون: بيگم ثمينه عارف علوي
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری لائیو