اسلام آباد -13 جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي هائوس بزنس ايڊوائيزري ڪميٽي بجيٽ اجلاس جي شيڊول جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي جنهن مطابق اجلاس 24 جون تائين جا??ي رکيو ويندو. اسپيڪر راجه پرويز اشرف جي صدارت هيٺ هائوس بزنس ايڊوائيزري ڪميٽي جو اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ هلندڙ بجيٽ اجلاس کي ڇنڇر 24 جون 2023ع تائين جا??ي رکڻ تي اتفاق ڪيو ويو. اجلاس ۾ بجيٽ اجلاس جي ايجنڊا ۽ ڪيتري وقت تائين هلڻ تي خيالن جي ڏي ??ٺ ڪئي وئي. ڪميٽي اجلاس ۾ بجيٽ 24-2023ع تي 17 جون تائين عام بحث جا??ي رکڻ تي اتفاق ڪيو. جنهن کان پوءِ سينيٽ آف پاڪستان طرفان ڏنل سفارشن تي غور ڪيو ويندو ۽ 19 جون 2023ع تي ناڻي وارو وزير بجيٽ 24-2023 تي عام بحث کي سهيڙيندو. غير منظور ٿيل خرچن (چارج ايڪسپنڊيچرز) تي بحث 20 جون تي ٿيندو جڏهن ته ڪٽوتي جي تحريڪن ??ي بحث 21 ۽ 22 جون تي ٿيندو. فنانس بل، 2023ع تي غور ۽ منظوري 23 جون لاءِ تجويز ڪئي وئي آهي، ??ڏهن ته 24 جون تي 2021، 2022 ۽ 2023 جي لاءِ گرانٽن جي ضمني مطالبن تي بحث ڪيو ويندو. ڪميٽي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته بجيٽ اجلاس ڇنڇر 17 جون ۽ 24 جون تي به جا??ي رکيو ويندو. اجلاس ۾ وفاقي وزير رانا تنوير حسين، مرتضيٰ جاويد عباسي، ??ازيه مري ۽ قومي اسيمبلي ميمبر خالد حسين مگسي، ??امد حميد، ڊاڪٽر رميش ڪمار وانڪواڻي، ??ابر حسين خائمخاني، ولانا عبدالاڪبر چترالي، چوڌري برجيس طاهر، قومي اسيمبلي جي سيڪريٽري طاهر حسين ۽ قانون سازي واري ايڊيشنل سيڪريٽري محمد مشتاق شرڪت ڪئي.
قومي اسيمبلي جو بجيٽ اجلاس 24 جون تائين جاري رهندو، هائوس بزنس ايڊوائيزري ڪميٽي شيڊول جي منظوري ڏئي ڇڏي
مضمون کا ماخذ : میگا سینا پریمیو