اسلام آباد – 10 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته پرامن ۽ سازگار ماحول ۾ صاف، شف??ف ۽ غيرجانبداراڻيون چونڊون يقيني بڻائينداسين. اها ڳالهه هن بلوچستان اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبر، بلوچستان حڪومت جي اڳوڻي ترجمان ۽ سينيئر سياستدان فرح عظيم شاهه سان ملاقات دوران ڳالهائيندي چئي. ملاقات ۾ چونڊن سميت بلوچستان جي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. مرتضيٰ سولنگي چيو ته پرامن ۽ سازگار ماحول ۾ صاف، شف??ف ۽ غيرجانبداراڻيون چونڊون يقيني بڻائينداسين. هن چيو ته بلوچستان جي ترقي ۽ ڀلا??ي نگران حڪومت جي ذميواري آهي، بلوچستان جي ترقي کانسواءِ ??اڪ??تان جي ترقي نامڪمل آهي. فرح عظيم شاهه نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي قيادت ۽ قدمن تي مڪمل يقين جو اظهار ڪيو ۽ نگران حڪومت جي معاشي انتظامي پاليسين کي ساراهيو.
مضمون کا ماخذ : لاٹری کھیلنے کا طریقہ