ڪوئيٽا – 08 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته پيمرا رولز تحت لائيسنس يافته ٽي وي چينلز چئني صوبائي گادي وارن شهرن ۾ پنهنجُون بيورو آفيسون قائم ڪرڻ جا پابند آهن، جيڪي چينل پنهنجا بيورو بند ڪري رهيا آهن، انهن جي مالڪن سان ڳالهه ڪنداسين، ميڊيا ورڪرز سان يڪجهتي جو اظهار ڪريون ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن بلوچستان يونين آف جرنلسٽس جي اهتمام هيٺ بول نيوز، روزاني دنيا ۽ روزاني انتخاب مان ورڪرز جي جبري برطرفين جي خلاف منعقد مظا??ري سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي ڪيو. بلوچستان يونين آف جرنلسٽس جي صدر عرفان سعيد ان موقعي تي چيو ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون ميڊيا ورڪرن جي تحفظ جي لاءِ قدم کڻن، ب??وچستان ۾ اڳ ۾ ئي روزگار جا موقعا محدود آهن. ان موقعي تي اطلاعات واري نگر??ن صوبائي وزير جان اچڪزئي صحافين جي برطرفي تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته اهڙيون پاليسيون لازمي آهن جيڪي صحافي براد??ي سميت ملازمن جي حقن جو تحفظ ڪن.
لائيسنس يافته ٽي وي چينلز چئني صوبائي گادي وارن شهرن ۾ پنهنجُون بيورو آفيسون قائم ڪرڻ جا پابند آهن: مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : پاور بال انعامات