اسلام آباد – 01 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي سينيٽر نثار ??حمد کهڙو چيو آهي ته ا??ندڙ حڪومت پنهنجو مدو پورو ڪندي ۽ عوام ۽ ملڪ کي درپيش مسئلا ۽ چئلينج حل ڪندي. اسلام آباد ۾ پارليامينٽ هائوس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي نثار ??حمد کهڙو چيو ته 2008ع کانپوءِ ايندڙ سمورين حڪومتن پنهنجو مدو پورو ڪيو آهي ۽ ايندڙ حڪومت به پنهنجو مدو ڪاميابي سان پورو ڪندي. هن سمورين سياسي پارٽين تي زور ڏنو ته ا??ي ملڪي ترقي ۽ عوام جي مسئلن کي حل ڪرڻ جي لاءِ پنهنجو مثبت ڪردار ??دا ڪن، عوام انهن کي قومي اسيمبلي ۾ چونڊي موڪليو آهي ته جيئن انهن جا مسئلا حل ٿين. چونڊ ۾ ڌانڌلين ۾ الزامن جي حوالي سان هن چيو ته جيڪو به ا??زام هڻي رهيو آهي اهو لاڳاپيل فورم تي ان معاملي کي اٿاري، باقي ثبوتن کانسواءِ الزامن جي ڪا به حيثيت نه آهي. هن چيو ته سڀني چونڊن ۾ مينڊيٽ چوري ۽ ڌانڌلين جا الزام لڳندا رهندا آهن.
ڌانڌلين جا الزام نئين ڳالهه نه آهي، هر چونڊ ۾ اهي الزام لڳندا آهن، معاملي کي لاڳاپيل فورم تي اٿاريو وڃي: سينيٽر نثار احمد کهڙو
مضمون کا ماخذ : ٹکی انماد