اسلام آباد – 06 – مارچ (ا?? پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آه?? ته اسان جي حڪومت سمورن ع??ائقن ۽ خطن جي مقامي زبان، ادب ۽ ثقافت کي وڌيڪ فروغ ڏيندي، ڏکڻ پنجاب ۽ اتان جي ثقافت، فنون ۽ ادب جي ترقي سدائين اولين ترجيح رهي آه??. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم سرائيڪي ڪلچر ۽ سرائيڪي اجرڪ ڊي جي ??وق??ي تي مبارڪباد ڏيندي پنهنج?? پيغام ۾ چيو ته ڏکڻ پنجاب ۽ اتان جي ثقافت، فنون ۽ ادب جي ترقي سدائين اولين ترجيح رهي آه??. اسان جي حڪومت سمورن ع??ائقن ۽ خطن جي مقامي زبان، ادب ۽ ثقافت کي وڌيڪ فروغ ڏيندي. وزيراعظم چيو ته سرائيڪي وسيب جا سمورا رنگ خوبصورت ۽ منفرد تهذيب ۽ تمدن جا امين آه??، ”سرائيڪي زبان ڏاڍي مٺي زبان آه??“. سرائيڪي زبان ڏکڻ پنجاب ئي نه، بلوچستان ۽ ڀارت ۾ پڻ ڳالهائي وڃي ٿي. هن چيو ته ادب، شاعري ۽ موسيقي ۾ سرائيڪي ۽ ان سان واڳيل اهل علم ۽ قلم جو وڏو حصو آه??. سرائيڪي ڪلچر، تهذيب ۽ تمدن سنڌو درياءَ جي هزارين سال قديم تهذيب سان ڳنڍيل آه??. وزيراعظم چيو ته حضرت بهاءُ الدين ذڪريا، حضرت شاهه رڪن عالم، خواجه غلام فريد، محمد سلمان تونسوي، سخي سرور، شاهه شمس تبريز جهڙن ديني بزرگن ۽ صوفين سرائيڪي زبان جي شان وڌائي. پاڪستان جي هر خطي جي تهذيب ۽ ثقافت جي فروغ تي يقين رکون ٿا.
اسان جي حڪومت سمورن علائقن ۽ خطن جي مقامي زبان، ادب ۽ ثقافت کي وڌيڪ فروغ ڏيندي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : گولڈ رش