اسلام آباد-30 آگسٽ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي چيو آهي ته بلوچستان ۾ ڪوبه آپريشن ناهي ٿي رهيو، 26 آگسٽ جو واقعو معمولي واقعو ناهي، اسان کي ڄاڻ آهي ته ان پٺيان ڪير آهي، هي ايس سي او سربراهه ڪانفرنس کي نقصان پهچائڻ جي سازش آهي، ج??ڪي رياست کي نٿا مڃين ۽ بندوق کڻن ٿا اهي دهشتگرد آهن، اسان انهن جو بندوبست ڪنداسين. ??ال??ه س??ني?? اجلاس ۾ بلوچستان جي صورتحال تي مختلف ميمبرن جي اعتراض واري نقطي جو جواب ڏيندي گهرو وزير چيو ته نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد لاءِ ج??ڪي فيصلا ٿيا آهن ايپڪس ڪميٽي ان جو جائزو وٺي رهي آهي ۽ صوبن ۽ لاڳاپيل ادارن سان ڪوآرڊينيشن ڪري ٿي?? پارليامينٽ سپريم آهي ۽ سپريم رهندي، ان ۾ ڪنهن کي به ڪو شڪ نه هئڻ گهرجي. هن چيو ته وزيراعظم ڪوئيٽه ۾ موجود هو، سمورين ڌُرين سان سندس ملاقات ٿي ۽ انهن کان راءِ به ورتي وئي. هن چيو ته ج??ڪي ماڻهو پاڪستان رياست کي تسليم ڪن ٿا انهن کي مانُ ڏنو ويندو، هو اسان لاءِ انتهائي محرم آهن، انهن سان اختلاف به ٿي سگهن ٿا، انهن اختلافن کي ختم ڪرڻ جي پهرين به ڪوشش ڪئي سين ۽ هاڻ به ڪنداسين پر ج??ڪي ماڻهو رياست کي نٿا مڃين ۽ بندوق کڻن ٿا هو اسان لاءِ دهشتگرد آهن ۽ ان جو اسان بندوبست ڪنداسين، بلڪل واضع هئڻ گهرجي ۽ اسان سڀني کي گڏ ٿيڻ گهرجي، ج??ڪي رياست خلاف ويندا انهن خلاف اسان سڀ گڏ هونداسين. گهرو وزير چيو ته جيستائين بلوچستان جي مسئلن جي ڳالهه آهي وزيراعظم سي ٽي ڊي لاءِ 5 ارب رپيا مختص ڪيا آهن، هر ڊويزن لاءِ هڪ هڪ ارب رپيا ڌار رکيا ويا آهن ج??ڪي مقامي ايم پي اي، ايم اين ايز سان گڏجي مقامي ماڻهن جي مسئلن لاءِ حل ڪيا ويندا. هن چيو ته صوبي ۾ وفاقي حڪومت جي آفيسرن جي کوٽ آهي، ان سلسلي ۾ هڪ پاليسيءَ جو اعلان ڪيو ويو آهي، آفيسرن جي مقرري ڪئي ويندي. گهرو وزير چيو ته پهرين به بلوچستان جو دؤرو ڪري چڪا آهيون، هڪ درجن کان وڌيڪ فيصلا ٿيا آهن، ننڍن مسئلن کي اسان حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. 26 آگسٽ جي رات جو جي??و واقعو ٿيو، اهو معمولي واقعو ناهي، ان جي باقاعده منصوبا بندي ڪئي وئي، دهشتگرد تنظيمن گڏجي اها دهشتگردي ڪئي آهي. بچاءَ وارو وزير به واضع ڪري چڪو آهي ته اسان کي خبر آهي ته ان پٺيان ڪير آهي، ايس سي او ڪانفرنس کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، ڇاڪاڻ ته ڪيترن ئي ڌُرين کي ان جي تڪليف آهي، هي انهن خلاف به سازش آهي. هن چيو ته اسان ڪوشش ڪنداسين ته سڀني سياسي ڌُرين کي اعتماد ۾ وٺون. بعد ۾ س??ني??ر جان محمد، س??ني??ر بلال احمد خان، س??ني??ر زرقا سهروردي تيمور ۽ س??ني??ر ڪامران مرتضيٰ به پنهنجن خيالن جو اظهار ڪيو.
جيڪي رياست کي نٿا مڃين ۽ بندوق کڻن ٿا اهي دهشتگرد آهن: محسن نقوي
مضمون کا ماخذ : جادوئی اسپن