اسلام آباد – 18 – سيپٽمبر (اي پي پي) صحت جي عالمي اداري منڪي پاڪس ??ي عالمي ايمرجنسي قرار ڏيندي ترقي يافته مُلڪن کي اڳيان اچڻ جي اپيل ڪئي آهي، منڪي پاڪس 1958ع ۾ پھريون ڀيرو باندرن ۾ ڏٺو ويو، هِ?? سال پاڪستان ۽ سويڊن ۾ هڪ هڪ مريض ۾ منڪي پاڪس جي بيماري ظاهر ٿي آهي، نامياري سرجن ڊاڪٽر مُرلي ڌر منڪي پاڪس جي حوالي سان اي پي پي کي ٻُڌايو ته ايم پاڪس وڏي ماتا وانگر آهي پر ان کان گھٽ نقصانڪار آھي، هِ?? بيماري ۾ بخار، ڏڪڻي ۽ جسم ۾ سور شروع ٿئي ٿو، ٽن چئن ڏينھن کانپوءِ داڻا نڪرڻ شروع ٿين ٿا، سڀ کان آخر ۾ ھٿن ۽ پيرن جي ترين تي داڻا نڪرن ٿا. ڊاڪٽر مُرلي بيماري جي ڦهلجڻ جي حوالي سان چيو ته اھا بيماري چمڙي کي چمڙي سان رڳڙڻ سا?? منتقل ٿئي ٿي، کنگھ ۽ نڇ وسيلي پڻ اها بيماري پکڙي ٿي، هِ?? چيو ته آمريڪا جي انفيڪشن تي ضابطي واري اداري سي ڊي سي موجب ا??و وائرس هِ?? وقت ڪيترن ئي ملڪن ۾ پکڙجي چُڪو آھي ۽ ان ۾ 160 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي جڏهن ته موت جي ش??ح 19 سيڪڙو آهي، هِ?? چيو ته اڳ ۾ ايم پاڪس جي حملي سان چھري تي داڻا ظاهر ٿيندا هُئا، جڏهن ته نئين وائرس ۾ اھي داڻا انسان جي جسم جي جُڳهن هنڌن تي نڪرن ٿا جنهن جي ڪري ماڻهُوءَ ان کي لڪائي ڇڏين ٿا ۽ ڏيکارڻ ۾ عيب سمجهن ٿا، جنهن سان هِ?? مرض ۾ اضافو ٿي رهيو آهي جڏهن ته ڊبليو ايڇ او موجب هِ?? وقت ا??و وائرس چئن آفريڪي ملڪن ۾ پھچي چڪو آھي۔ جڏهن ته پاڪستان ۽ سويڊن ۾ پُڻ ڪيس ظاهر ٿيا آهن، جڏهن ته صحت جي عالمي اداري هِ?? بيماري تي ضابطو آڻڻ لاءِ ترقي يافتا ملڪن کي اڳتي اچڻ جي اپيل ڪئي آهي. جڏهن ته سي ڊي سي جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر جين ڪيسيا چيو آهي ته ادارا متحرڪ ٿين گڏجي ڪم ڪن پنھنجا وسيلا استعمال ڪن. صحت جي عالمي اداري مُوجب هيستائين مُختلف ملڪن ۾ 99518 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، جن مان 208 موت جو شڪار ٿيا، جڏهن ته ان مرض جي سُڃاڻپ لاءِ جين ايڪسپرٽ پي سي آر ٽيسٽ وڏي مددگار آھي، ا??و وائرس وچڙڻ جي ھڪ کان ايڪويھن ڏينھن کان پوءِ بخارن سنڌن جو سور، ڳلي ۾ سور شروع ٿيندو آھي، ڊاڪٽر مُرلي ڌر وڌيڪ چيو ته ا??و وائرس انسفيلائٽس به ڪري ٿو، ايمرجنسي ۾ ويڪسين جو استعمال ماڻھن کي بچائيندو ايل سي 16 ۽ ايم وي اي- بي اين ويڪسين امرجنسي ۾ ڪارائتيون آھن.
صحت جي عالمي اداري پاران منڪي پاڪس عالمي ايمرجنسي قرار، ترقي يافته مُلڪن کي اڳيان اچڻ جي اپيل، ايم پاڪس وڏي ماتا وانگر آهي ۽ هڪ وچڙندڙ بيماري آهي: سرجن ڊاڪٽر مُرلي ڌر
مضمون کا ماخذ : سانتا کا سرپرائز