اسلام آباد – 04 – نومبر (اي پي پي) ايران جو پرڏيهي وزير سيد عباس عراغچي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي اڄ سومر ڏينهن پاڪستان پهچي رهيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيا?? موجب ايران جو پرڏيهي وزير پنهنجي دوري دوران وزيراع??م محمد شهباز شريف ۽ نائب وزيراعظم/ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان ملاقاتون ڪندو. پرڏيهي وزير عراغچي وچ او??ر جي صورتحال ۽ پاڪستان ايران ٻطرفن لاڳاپن تي مشاورت ڪندو. بيا?? موجب هي دورو پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ واپار، توانائي ۽ سلامتي سميت وسيع شعبن ۾ تعاون ۽ ڳالهه ٻولهه کي اڳتي وڌائڻ جو هڪ اهم موقعو فراهم ڪري ٿو.
مضمون کا ماخذ : raspadinha acumulada