اسلام آباد – 07 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف محمد ??صف کي دوحه ۾ انٽرنيشنل بليئرڊز اينڊ ورلڊ سنوڪر فيڊريشن (آءِ ??ي ايس ايف) چيمپيئن شپ کٽڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان جا باصلاحيت نوجوان راندين جي ميدانن ۾ پاڪستان جو نالو روشن ڪري رهيا آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته محمد ??صف ٽيون ڀيرو عالمي چيمپيئن شپ کٽ?? پوري قوم جو ڳاٽ فخر سان بلند ڪري ڇڏيو. محمد ??صف جا گهرڀاتي ۽ سندس ڪوچ به ان فتح تي مبارڪباد جا مستحق آهن. عالمي چيمپيئن شپ کٽڻ جي لاءِ محمد ??صف ڏينهن رات محنت ڪئي جنهن جي لاءِ هو ساراهه جي لائق آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جا باصلاحيت نوجوان راندين جي ميدانن ۾ پاڪستان جو نالو روشن ڪري رهيا آهن. حڪومت هر ممڪن ڪوشش ڪري رهي آهي ته رانديگرن کي عالمي معيار جون سهولتون فراهم ڪيون وڃن. عالمي مقابلن جي لاءِ ??انديگرن کي تياري جي معياري سهولتن جي فراهمي حڪومت جي اولين ترجيح آهي.
وزيراعظم پاران محمد آصف کي دوحه ۾ آءِ بي ايس ايف چيمپيئن شپ کٽڻ تي مبارڪباد
مضمون کا ماخذ : فائر جوکر