اسلام آباد – 25 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف احتج??ج جي لاءِ آيل مظاهرين جي هٿان پوليس اهلڪار جي شهادت جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي واقعي ۾ ملوث عنصرن جي فوري نشاندهي ڪري انهن کي سخت سزا ڏيارڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪانسٽيبل مبشر ??هي?? جي گهرڀاتين سان تعزيت ۽ ان جي درجن جي بلندي لاءِ ??عا ڪئي. وزيراعظم واقعي ۾ ملوث عنصرن جي فوري نشاندهي ڪري انهن کي سخت سزا ڏيارڻ ۽ احتجاج دوران پٿراءُ ۽ تشدد جي نتيجي ۾ زخمي ٿيندڙ پوليس اهلڪارن کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم چيو ته نام نهاد پرامن احتج??ج جي نالي تي پوليس اهلڪارن تي حملو مذمت جوڳو آهي، پوليس اهلڪار ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا اهلڪار امن امان قائم ڪرڻ جي لاءِ ڊيوٽي تي مقرر آهن. وزيراعظم چيو ته 9 مئي تي ملڪ گير ??ساد برپا ڪندڙ هڪ ڀيرو ٻيهر پرتشدد ڪارروايون ڪري رهيا آهن، 46 سالن جي ??هي?? ڪانسٽيبل مبشر جي ننڍڙي عمر جي ٻارن جي دنيا شرپسند عنصرن جي هٿان اجڙي وئي. وزيراعظم چيو ته جڏهن جڏهن ملڪ ترقي جون منزلون طئي ڪرڻ لڳي ٿو، شرپسند عنصر سڄي ملڪ ۾ جلاءُ گهيراءُ شروع ڪري ڇڏين ٿا، مون سميت پوري قوم ڪانسٽيبل مبشر ??هي?? کي خراج عقيدت پيش ڪري ٿي. وزيراعظم چيو ته ڪانسٽيبل مبشر هڪ اهڙي گروهه جي هٿان ??هي?? ٿيو جيڪو ملڪي ترقي جو دشمن آهي، نام نهاد امن پسند احتجاجين جو پوليس اهلڪارن کي زخمي ۽ ??هي?? ڪرڻ جو عمل مذمت جوڳو آهي.
وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران احتجاج جي لاءِ آيل مظاهرين جي هٿان پوليس اهلڪار جي شهادت جي شديد لفظن ۾ مذمت
مضمون کا ماخذ : کینڈی کیش