اسلام آباد – 22 – نومبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري بلوچستان ۾ دهشتگر??ن جي خلاف ڪامياب انٽيلي جنس تي ٻڌل ڪاررواين تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته دهشتگردن کي صوبي جو امن خراب ڪرڻ ۽ ت??قي جو سفر متاثر ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر آواران، ڊيره بگٽي ۽ ڪيچ ۾ دهشتگر??ن جي خلاف ڪاررواين تي سيڪيورٽي فورسز کي ساراهيو. صدر چيو ته سيڪيورٽي فورسز بلوچستان ۾ مختلف ڪاررواين ۾ 4 دهشتگردن کي بهادري سان جهنم واصل ڪيو. هن چيو ته دهشتگردن کي بلوچستان جو امن خراب ڪرڻ، ت??قي جو سفر متاثر ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين ۽ ملڪ دشمن عنصرن کي ڪنهن به صورت ۾ ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين. آصف علي زرداري چيو ته دهشتگردي جي خلاف فورسز جون ڪارروايون ساراهه جوڳيون آهن. صدر دهشتگردي جي خلاف ڪارروايون جاري رکڻ جي قومي عزم جو پڻ ورجاءُ ڪيو.
صدر پاران بلوچستان ۾ دهشتگردن جي خلاف ڪامياب انٽيلي جنس تي ٻڌل ڪاررواين تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش
مضمون کا ماخذ : como ganhar na quina