اسلام آباد-01 ڊسمبر (اي پي پي) صد?? مملڪت آصف علي زرداري خيبرپختونخوا جي ضلعن بنون ۽ خيبر ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪاميابي ڪاررواين تي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته پوري قوم ملڪ خاطر شهادت ماڻيندڙ جوانن جي قربانين کي ڪڏهن نه وسارين??ي. ??يوان صد?? جي پريس ونگ مان جاري بيان ۾ صد?? ٻن مختلف ڪاررواين دوران 8 خوارجن کي جهنم ڀيڙو ڪر?? تي سيڪيورٽي فورسز جي بهادري کي ساراهيو ۽ ڪاررواين دوران شهيد ٿيل ڪيپٽن محمد ??وه??ب الدين ۽ سپاهي افتخار حسين کي خراج عقيدت پيش ڪيو. صد?? ملڪ خاطر وڏي قرباني پيش ڪر?? تي شهيدن جي حب الوطني واري جذبي کي ساراهيو. هن چيو ته ملڪي سلامتي خاطر شهيدن جون قربانيون ضايع نه وينديون. پوري قوم ملڪ خاطر شهادت ماڻيندڙ جوانن جي قربانين کي نه وساريندي. صد?? مملڪت دهشتگردي جي لعنت جي خاتمي تائين ڪارروايون جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ?? چيو ته پوري قوم دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پنهنجي بهادر سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل رهندي. صد?? مملڪت شهيدن جي بلند درجن ۽ وارثن لاءِ صبر جي دعا ڪئي.
صدرآصف علي زرداري پاران بنون ۽ خيبر ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪاميابي ڪاررواين تي فورسز کي خراج تحسين پيش
مضمون کا ماخذ : بک آف ڈیڈ