اسلام آباد – 05 – ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان ٽيليويزن ڪارپوريشن (پي ٽي وي) ترڪ??ه جي سفارتخاني جي تعاون سان ”ورلڊ ترڪش ڪا??ي ڊي“ ملهايو جنهن ۾ ترڪ??ه جي شاندار ثقافت ۽ ان جي مشهور ڪا??ي جي روايت کي اجاگر ڪيو ويو. تقريب جو مقصد پاڪستان ۽ ترڪ??ه جي وچ ۾ مضبوط لاڳاپن کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ هڪ پليٽ فارم مهيا ڪرڻ ?? تاريخي، ثقافتي ۽ اقتصادي رابطن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ هو. تقريب ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، پاڪستان ۾ ترڪ??ه جي سفير عرفان نذير اوگلو، اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري ۽ مئنيجنگ ڊائريڪٽر پي ٽي وي عنبرين جان، ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر اسپيشل انيشي ايٽوز ڊاڪٽر دانيال سليم، ڊائريڪٽر نيوز ڊاڪٽر هارون الاهي، انچارج پي ٽي وي ورلڊ نمود مسلم ۽ ڊائريڪٽر ڪر??ٽ افيئرز چوڌري محمد سليم سميت نيوز سينٽر جي ملازمن شرڪت ڪئي. مهمانن جي آجيان ڪندي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پاڪستان ۽ ترڪ??ه جي وچ ۾ گهري ۽ ويجهي لاڳاپن تي روشني وڌي. هن چيو ته پاڪستان ۽ ترڪ??ه جي وچ ۾ پراڻي ۽ مضبوط ڀائيچاري جو رشتو قائم آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير ترڪش ڪا??ي کي ترڪ??ه جي مهمان نوازي جو حقيقي عڪاس قرار ڏيندي ان يقين جو اظهار ڪيو ته ثقافت ۽ فنون جي شعبن ۾ تعاون سان پاڪستان ۽ ترڪ??ه جي وچ ۾ عوام جي سطح تي لاڳاپا وڌيڪ گهرا ٿيندا. پاڪستان ۾ ترڪ??ه جي سفير عرفان نذير اوگلو ترڪش ڪا??ي جي تاريخي اهميت تي روشني وجهندي چيو ته ترڪش ڪا??ي رڳو هڪ مشروب نه آهي، هي هڪ شاندار روايت آهي جيڪا صدين کان هلندي پئي اچي، ان جي تياري هڪ ڏکيو عمل آهي جيڪو اسان جي ڀرپور ثقافتي ورثي جو اظهار آهي. هن چيو ته ترڪش ڪا??ي گانن ۽ شاعري کي پڻ متاثر ڪيو آهي ۽ ان کي اسان جي تاريخ هڪ نمايان علامت بڻائي ڇڏيو آهي. ان موقعي تي خطاب ڪندي اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري ۽ پي ٽي وي جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر عنبرين جان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل ثقافتي ?? تاريخي لاڳاپن تي زور ڏيندي چيو ته پاڪستان ۽ ترڪ??ه جي وچ ۾ ثقافتي، تاريخي ۽ گهرا مذهبي رشتا موجود آهن جيڪي هاڻي گهري اقتصادي لاڳاپن ۾ تبديل ٿي رهيا آهن. ڪا??ي جي گڏيل محبت اسان کي وڌيڪ ويجهو آندو آهي جيڪا اسان جي گڏيل ثقافتي تعريف جي عڪاسي ڪر?? ٿي. تقريب ۾ شريڪ مهمان ترڪ??ه جي ڪا??ي مان لطف اندوز ٿيا ۽ ان کي ترڪ??ه جي مهمان نوازي جو حقيقي تجربو قرار ڏنو. واضح رهي ته پي ٽي وي ثقافتي سفارتڪاري ۽ گڏيل روايتن جي ذريعي عالمي لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ پرعزم آهي. ورلڊ ترڪش ڪا??ي ڊي جهڙيون تقريبون پاڪستان ۽ ان جي اتحادين جي وچ ۾ بامعنيٰ رابطن کي فروغ ڏيڻ ۾ رياستي نشرياتي اداري جي ڪردار جي توثيق ڪن ٿيون.
پي ٽي وي پاران ترڪيه جي سفارتخاني جي تعاون سان ”ورلڊ ترڪش ڪافي ڊي“ ملهايو ويو، ثقافت ۽ فنون جي شعبن ۾ تعاون سان ٻنهي مُلڪن ۾ عوام جي سطح تي لاڳاپا وڌيڪ گهرا ٿيندا: عطاءُ الله تارڙ
مضمون کا ماخذ : loteria instantânea