دمشق -03 جولاءِ (اي پي پي) شام ۾ پاڪستان جي سفير شاهد اختر چيو آهي ته شام پاڪستان ۾ صنعتي شعبي جي ترقي مان فائدو کڻي سگهي ٿو. شام جي خابرو اداري سانا مطابق انهن خيالن جو اظهار هن دمشق چيمبر آف انڊسٽ??ي جي چيئرمين غزوان المصري سان ملاقات ۾ ڪيو. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ صنعت ۽ واپار جي شعبن ۾ سهڪار کي ترقي ڏيڻ ۽ گڏيل سيڙپڪاري ۽ شراڪتدا??ي جي قيام تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي و??ي. پاڪستاني سفير چيو ته شام پاڪستان ۾ دوائن، طبي مواد، جراحي جي اوزارن ۽ ڏندن جي علاج ۾ استعمال ٿيندڙ اوزارن سان گڏ زرعي ساما??، ڳري مشينري ۽ راندين جي سامان جي تياري ۾ هن وقت تائي?? ڪيل ترقي مان فائدو کڻي سگهجي ٿو. دمشق چيمبر جي عمارت ۾ ٿيل ملاقات دوران غزوان المصري ان ڳالهه تي زور ڀريو ته چيمبر پاڪستان سان مڪمل سهڪار لاءِ تيار آهي، ان کان علاوه دمشق چيمبر ٻنهي ملڪن جي و??پارين ۽ صنعتڪارن وچ ۾ رابطي ۾ سهولت ??راهم ڪرڻ سان گڏ اقتصادي لاڳاپن کي وڌائڻ لاءِ هر ضروري سهولت ??راهم ڪندو. هن مختلف فورمن تي پاڪستان طرفان شام جي حمايت کي ساراهيو.
شام ۾ پاڪستان جي سفير جي دمشق چيمبر جي چيئرمين سان ملاقات
مضمون کا ماخذ : پاور بال جیتنے کے طریقے