مدينو شريف – 07 جولاءِ (اي پي پي) سعودي حج ۽ عمري واري وزارت چيو آهي ته حج جي ادائگي کانپوءِ هن وقت تا??ين مديني شريف پهچندڙ حاجين جو انگ هڪ لک 42 هزار کان وڌي ويو آهي. سعودي خاب??و اداري مطابق سعودي حج ۽ عمري واري وزارت طرفان جاري بيان ۾ چيو ??يو آهي ته حج کانپوءِ هن وقت تا??ين مديني شريف ايندڙ حاجين جو تعلق مختلف ملڪن سان آهي جيڪي بسن ۽ حرمين ٽرين کان علاوه فضائي ذريعي پڻ مديني شريف پهچي ويا آهن. وزارت چيو ته الهجره شاهراه تي قائم حاجين جي آجيان ڪندڙ مرڪز تي ايندڙ حاجين جو انگ 17 هزار 258 رهيو جيڪي بسن جي ذريعي مڪي شريف کان هتي پهتا. حرمين ٽرين ذريعي 1797 حاجي مديني شريف آيا. حاجين جو مديني شريف آمد ۽ اتان پن??نج?? ملڪن کي روانگي جو سلسلو جاري آهي. حاجين جي روانگي جي حوالي سان وزارت چيو ته هن وقت تا??ين مديني جي زيارت ڪرڻ کانپوءِ 36 هزار 963 حاجي پن??نج?? ملڪن ڏانهن روانو ٿي چڪا آهن. هن وقت هڪ لک 5 هزار 617 حاجي مديني شريف ۾ موجود آهن جن جو تعلق مختلف ملڪن سان آهي.
ڏيڍ لک حاجي مديني شريف پهچي چڪا آهن: سعودي حج واري وزارت
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا جیک پاٹ