واشنگٽن – 16 آگسٽ (اي پي پي) آمريڪا اولهندي ڪناري ۽ والاريل بيت المقدس جي ڏکڻ ۾ يهودي وسندين جي وڌيڪ تعمير جي اسرائيلي منصوبي تي سخت تنقيد ??ئي آهي. آمريڪي تنقيد جو وڏو سبب نين يهودي وسندين جي تعمير سان يونيسڪو ??ي عالمي ورثي ۾ شامل ڪيل هنڌن جو متاثر ٿيڻ شامل آهي. پرڏيهي خا??رو اداري مطابق آمريڪا بيت الحم ۾ نئين يهودي وسندين جي تعمير جي منصوبي جي مذمت ڪئي آهي. آمريڪي ترجمان نشاندهي ڪئي ته ان نئ??ن منصوبي ۾ شامل هر هڪ قدم نئين وسند??ن مان هر هڪ فلسطيني اقتصادي ترقي ۽ چر پر جي آزادي ۾ رڪاوٽ پيدا ڪندو ۽ ٻه رياستي حل جي امڪاني وجود لاءِ فزيبلٽ?? کي ڪمزور ڪندو. ترجمان چيو ته اها ڳالهه عالمي قانون جي ابتڙ معلوم ٿئي ٿي، اسان يقيني طور تي اولهندي ڪناري ۾ يهودي وسندين جي وڌيڪ اضافي ۽ ترقي جي مخالفت ڪريون ٿا.
مضمون کا ماخذ : ایشیا ڈریگن