حويلي بهادر شاهه (جهنگ) – 07 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۾ هر شعبي ۾ حقيقي معنيٰ ۾ انقلاب اچي رهيو آهي، پاڪستان تبديل ٿي رهيو آهي، اهو وقت پري نه آهي جڏهن پاڪستان ترقي يافته مل??ن جي پهرين صف ۾ شامل هوندو، ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪري پنهنجو فرض ادا ڪري رهيا آهيون، اسان جي سياسي مخالفن کي اها تڪليف آهي ته پاڪستان ترقي جي بلندين تائين پهچي رهيو آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار حويلي بهادر شاهه پاور پلانٽ جي 760 ميگاواٽ جي پهرين يونٽ جي افتتاح کانپوءِ ميڙ کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم تختي جي نقاب ڪش??ئي ڪري منصوبي جو افتتاح ڪيو جيڪو 21 مهينن جي ر??ارڊ گهٽ مدي ۾ مڪمل ٿيو. وزيراعظم پلانٽ ڪنٽرول روم جو پڻ دورو ڪيو ۽ حويلي بهادر شاهه پاور پلانٽ جي سي اي او راشد محمود لنگڙيال منصوبي بابت بريفنگ ڏني. وزيراعظم چيو ته اها تما?? گهڻي خوشي جي ڳالهه آهي جو منصوبي جي پيڙهه جو پٿر رکڻ جي ر??و 21 مهينن کانپوءِ هو هتي اچي ان جو افتتاح ڪري رهيو آهي، 21 مهينا اڳ منصوبي جي جاءِ تي ٻني ۽ ميدان هئا، 21 مهينن ۾ ايترو وڏو منصوبو مڪمل ٿيڻ ناقابل يقين آهي.
پاڪستان ۾ هر شعبي ۾ حقيقي معنيٰ ۾ انقلاب اچي رهيو آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : خوش قسمت لڑکی