نيويارڪ – 25 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مودي انتظاميه والاريل ڪشمير ۾ رياس??ي دهشتگردي ڪري ره?? آهي، مسلسل ڪرفيو سان ڪ??مير جي مسلمانن جي نسل ڪشي جو خدشو آهي، سمورن مسلمان ملڪن کي ڪشميرين سان يڪجهتي ڏيکارڻي پوندي. گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي موقعي تي ڄمون ۽ ڪشمير بابت او آءِ سي رابطا گروپ جي سربراهن جي وفد جي اعزاز ۾ ڏنل آجياڻي کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان او آءِ سي جي ميمبر ملڪن تي زور ڏنو ته هو والاريل ڪشمير ۾ انساني الميي ک??ن بچڻ لاءِ اتي جي صورتحال تي سنجيدگي سان مظاهرو ڪري ڇو ته والاريل ڪشمير ۾ گذريل 50 ڏينهن کان مسلسل جاري ڪرفيو جي ڪري ڪشمير جي مسلمانن جي نسل ڪشي جو خدشو آهي، تقريب ۾ سعودي عرب، ترڪي، نائيجريا ۽ آذربائيجان جي پرڏيهي وزيرن شرڪت ڪئي.
مضمون کا ماخذ : جوگوس ڈی لوٹیریا آن لائن