لاهور – 07 آگسٽ (اي پي پي) وزي??اع??م عمران خان چيو آهي ته راوي ريور فرنٽ اربن ڊولپمينٽ پراجيڪٽ لاهور جي لاءِ تمام اهم منصوبو آهي، اهو منصوبو لاهور جي آلودگي کي گهٽ ڪرڻ ۽ مستقبل جي رهائشي ضرورت?? کي پورو ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو، منصوبو مقرر مدي ۽ لاڳت ۾ مڪمل ڪيو وڃي، ان منصوبي جي مڪمل ٿيڻ ۾ مقامي افرادي قوت ۽ وسيل کي استعمال ۾ آندو وڃي، سيڙپڪار?? کي ترغيب ڏيڻ جي لاءِ ٺوس پلان جوڙيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن هائوسنگ ۽ تعميرات بابت قومي رابطا ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز، حماد اظهر، وزي??اع??م جي صلاحڪار مرزا شهزاد اڪبر، نئون پاڪستان هائوسنگ ڊولپمينٽ اٿارٽي جي چيئ??مي?? ليفٽيننٽ جنرل (ر) انور علي حيدر، ??سٽ??ٽ بئنڪ جي گورنر رضا باقر، پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار، پنجاب جي صوبائي وزير ميان محمود الرشيد، صلاحڪار ڊاڪٽر سلمان شاهه، ??نجاب جي چيف سيڪريٽري، ايل ڊي اي جي وائيس چيئ??مي?? ۽ سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي. وڊيو لنڪ ذريعي خاص معاون ملڪ امين اسلم، ايف بي آر چيئ??مي??، هائوسنگ، منصوبابندي، توانائي، پيٽروليم، قانون وارن وفاقي سيڪريٽرين، سي ڊي اي چيئ??مي?? پڻ شرڪت ڪئي. خيبرپختونخواهه، سنڌ، بلوچستان، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي چيف سيڪريٽرين پڻ وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي. سنڌ ۽ خيبرپختونخواهه جي چيف سيڪريٽرين عوامي سهولت جي لاءِ قائم ڪيل ون ونڊو آن لائن پورٽل جاري ڪرڻ جي حوالي سان بريفنگ ڏني. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ان پورٽ جاري ڪرڻ سان ڪو به خواهشمند شهري ڪو به تعميراتي منصوبو شروع ڪرڻ جي لاءِ آن لائن درخواست ڏئي سگهندو. ان پورٽل سان انساني مداخلت گهٽ کان گهٽ ٿيندي ۽ هر موقعي تي درخواست ۾ اڳڀرائي جي خبر پئجي سگهندي. وڌيڪ اهو ته ان پورٽل سان لاڳاپيل آفيسرن جي ڪارڪردگي متعين ڪرڻ جو موقعو به ملندو. وزي??اع??م سنڌ ۽ خيبرپختونخواهه پاران آن لائن پورٽل جاري ڪرڻ کي ساراهيو.
راوي ريور فرنٽ اربن ڊولپمينٽ پراجيڪٽ لاهور جي لاءِ تمام اهم منصوبو آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کے نمبر