اسلام آباد/ اناتاليه – 25 – مارچ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اس?? قيصر چيو آهي ته پاڪستان خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ پنهنجو تعاون جاري رکندو، سڀ کان وڌيڪ دهشتگردي سبب متاثر ملڪ هجڻ جي ناطي ان ناسور کي ??اڙ کان پٽي ا??لڻ لاءِ اسان پرعزم آهيون، دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پاڪستان پاران ڏنل جاني ۽ مالي قربانين جي ڪري دهشتگردي جو خاتمو ممڪن ٿيو. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اس?? قيصر اهڙن خيالن جو اطهار ترڪي جي شهر اناتاليه ۾ ”دهشتگردي جي خلاف جنگ ۽ علائقائي رابطا مضبوط بڻائڻ“ جي باري ۾ پارليامينٽس جي اسپيڪرز جي چوٿين ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. اسپيڪر اس?? قيصر ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته اولهه ۾ وڌندڙ اسلامو فوبيا جي ڪري مسلمان امت کي سيڪيورٽي جا ڪيترائي خطرا لاحق آهن. هن چيو ته ان مسئلي کي ??نهن ڏيڻ لاءِ گڏيل حڪمت عملي جوڙڻ گهرجي ۽ اسلام بطور امن جي مذهب جي ان جي اصل چهري کي روشن ڪرڻ کانسواءِ اسلامو فوبيه کي ??نهن ڏيڻ لاءِ گڏيل رابطن کي ??روغ ڏيڻ گهرجي. اسپيڪر ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان وسيع تر علائقائي رابطن جي لاءِ قدم جاري رکندو ۽ دهشتگردي جي خاتمي ۽ علائقائي رابطن کي ??ضبوط بڻائڻ لاءِ پارليامينٽ جي اسپيڪرز جي ڪانفرنس کي علائقائي ضرورتن جي لاءِ موثر بڻائيندو، رابطي کي علائقائي امن ۽ خوشحالي جو سنگ بنياد قرا?? ڏيندي اسپيڪر فليگ شپ چين پاڪستان اقتصادي راهداري منصوبي تحت پاڪستان طرفان جاري اڳڀرائي تي روشني وڌي.
پاڪستان خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ پنهنجو تعاون جاري رکندو:اسد قيصر
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ لاٹری