بيجنگ- 23 فيبروري (اي پي پي) چين جي صدر شي جن پنگ چيو آهي ته عالمي طور سائنسي ۽ فني چٽاڀيٽي کي منهن ڏيڻ ۽ اعليٰ سطح تي پاڻ ڀاڙڻ لاءِ بنيادي تح??يق کي مضبوط بڻائڻ هڪ اهم ڳالهه آهي. چيني ميڊيا موجب اها ڳالهه هن سي پي سي مرڪزي ڪميٽي جي سياسي بيورو جي ميمبرن کي خطاب ڪندي ڪئي جنهن ”بنيادي تح??يق کي مضبوط بڻائڻ“ جي خصوصي موضوع تي هڪ گر??پ مطا??عو ڪيو. هن چيو ته چين جي نئين ترقياتي ڍانچي ۾ پاڻ ڀاڙڻ تي ٻڌل سائنسي ۽ فني جدت کي ??ول??ن ترجيح ڏيڻ گهرجي ۽ ان ۾ بنيادي تح??يق هڪ انتهائي اهم حصو آهي، چين بنيادي تح??يق لاءِ اداره جاتي گارنٽي?? سيڙپڪاري ۽ باصلاحيت ماڻهن جي تربيت کي مضبوط بڻائيندو. صدر شي جن پنگ چيو ته گڏيل ترقياتي مشڪلاتن کي حل ڪرڻ لاءِ انسانيت کي عالمي تعاون ۽ کليل سهڪار جي پهرين کان وڌيڪ ضرورت آهي، چين هڪ عالمي بنيادي تح??يقي تعاون جو پليٽ فارم جوڙيندو، هڪ عالمي سائنسي تح??يقي فنڊ قائم ڪندو، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جو قومي منصوبو قائم ڪندو ۽ موسمياتي تبديلي، توانائي جي سلامتي، حياتياتي تح??ظ ۽ آوٽرسپيس جي استعمال جهڙن عالمي مسئلن تي چين ۽ ٻين ملڪن جي گڏيل سائنسي تح??يق کي سگهه ڏيندو.
چين بنيادي تحقيق جي ميدان ۾ نون قدمن لاءِ پرعزم، فني جدت کي اولين ترجيح ڏيڻ گهرجي: چيني صدر
مضمون کا ماخذ : نتیجہ میگا سینا