گڏيل قومون -27 نومبر (اي پي پي) گڏيل قومن افغان حڪومت کان صحافين ۽ ميڊيا ڪارڪنن کي تحفظ فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو آه??، ته افغان حڪومت ان ڳالهه کي يقيني بڻائي ته ميڊيا آئوٽ ليٽس آزاداڻي طور تي بغير ڪنهن پابندي يا سينسرشپ جي افغانستان ۾ ڪم ڪري سگهن. افغانستان ۾ گڏيل قومن جي مشن (يو اين اي ايم اي) ۽ گڏيل قومن جي انساني حقن جي آفيس افغانستان ۾ ميڊيا جي آزادي جي عنوان سان جاري گڏيل رپورٽ ۾ آگسٽ 2021ع کان سيپٽمبر 2024ع وچ ۾ افغانستان ۾ صحافين، ميڊيا ورڪرن ۽ آئوٽ ليٽس ج?? درپيش وڌندڙ چئلينجز تي روشني وڌي. افغانستان ۾ گڏيل قومن جي مشن جي سربراهه روزا اوتن بائيزا چيو آه??، ته ڪنهن به ??لڪ لاءِ آزاد پريس هڪ چونڊ ناهي پر هڪ ضرورت آه??. هن چيو ته افغانستان ۾ ميڊيا جي شعبي لاءِ فني ۽ مالي مدد ۽ اهڙي طرح اظهار جي آزادي ۽عوامي بحثن جي اهميت جي حمايت ??لڪ جي ترقي لاءِ اهم آه??. افغانستان ۾ ميڊيا جي آزادي جي عنوان سان رپورٽ ۾ تشدد ۽ انبرابري جي سلوڪ جي 130 واقعن سان پنهنجي مرضي جي گرفتاري ۽ حراست جي 256 واقعن جو خاڪو پيش ڪيو ويو. گڏيل قومن جي رپورٽ جي جواب ۾ افغان پرڏيهي وزارت صحافين جي ان تعداد کي گرفتار ڪرڻ جي ترديد ڪندي چيو ته حراست ۾ ورتل ماڻهن ڏوهه ڪيو آه??. ان کان اڳ گڏيل قومن جي انساني حقن بابت هاءِ ڪمشنر وولڪر ترڪ چيو آه?? ته صحافي ۽ ميڊيا ڪارڪن رڳو مبصر ناهن، هو شفافيت ۽ جوابدهي کي يقيني بڻائين. هن چيو ته صحافي برادري کي انساني ۽ تحفظ جي مسئلن بابت اهم معلومات جي فراهمي ۾ مدد ڏيڻ ۾ اهم آه?? جيڪي سندن زندگين کي سڌي ريت متاثر ڪن ٿا. گڏيل قومن جي هيڊ ڪوارٽر ۾ روزاني جي بنياد تي ٿيندڙ ميڊيا بريفنگ دوران نائب ترجمان فرحان عزيز حق چيو آه??، ته عورت صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز کي خاص اڻبرابري وارن قدمن جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آه?? جيڪو سندن ڪم ڪرڻ جي صلاحيت کي محدود ڪري ٿو. رپورٽ ۾ ان ڳالهه تي زور ڀريو ويو آه?? ته آزاد صحافت نه رڳو شفافيت ۽ احتساب لاءِ ضروري آه?? پر ??لڪ جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي لاءِ به ضروري آه??.
افغان حڪومت صحافين کي تحفظ فراهم ڪري ۽ ميڊيا جي آزادي کي يقيني بڻائي: گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : کراچی لاٹری