استنبول – 20 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ترڪ واپارين، ڪاروباري ماڻهن ۽ وڏين ڪمپنين کي دعوت ڏني آهي ته هو پاڪستان ۾ معيشت جي مختلف شعبن خاص طور تي پن بجلي، ڪوئلي مان بجلي پيدا ڪرڻ، کاڻيون کوٽڻ، بئنڪاري ۽ بنيادي ڍانچي جي ترقي ۾ سيڙپڪاري ڪن. هن اهڙن خ??ال?? جو اظهار ڊي ايٽ سربراهه ڪانفرنس جي موقعي تي ??رڪي جي غير ملڪي اقتصادي لاڳاپن جي ب??رڊ سان ملاقات دوران ڪيو. هن چيو ته ترڪي جا ڪاروباري گروپ فوڊ پراسسنگ انڊسٽري خاص طور تي ک??ر ۽ ميون جي مارڪيٽ ۾به سيڙپڪاري جي امڪانن جو جائزو وٺي سگهن ٿا، هن چيو ته پاڪستان جي رستي ??سان جي پاڙيسري نار ملڪن ۽ وچ ايشيا جي ملڪن کي برآمدات جا موقعا موجود آهن، بنيادي ڍانچي، ٽرانسپورٽ، بيوريجز ۽ اليڪٽرانڪ جي شعبن ۾ ترڪي جي ڪجهه ڪمپنين طرفان پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جو ذڪر ڪندي وزيراعظم چ??و ته پاڪستان مختلف شعبن ۾ وڌيڪ ڪمپنين جي سيڙپڪاري جي آجيان ڪندو
وزيراعظم پاران ترڪ واپارين ۽ وڏين ڪمپنين کي سيڙپڪاري جي دعوت
مضمون کا ماخذ : مایا کا عروج