اسلام آباد – 04 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اي گورنمينٽ ۽ اي آفيس جي قدمن جي ڀرپور حمايت ڪندي چيو آهي ته وزيراعظم آفيس ان سلسلي ۾ سڀ کان پهرين عملدرآمد يقيني بڻائيندو ۽ سموريون وزارتون ??ن جي تقليد ڪنديون، ڊاڪٽر عشرت حسين کي سمورين وزاتن ۽ کاتن ۾ پيپرليس نظام لاڳو ڪرڻ لاءِ مقرر ٽائيم فريم ??ي اندر عملدرآمد يقيني بڻائڻ ۽ روڊ ميپ تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، وزيراعظم جي آفيس ۾ وزيراعظم عمران خان کي انفارميشن ٽيڪ??ال??جي واري وزارت ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي، اجلاس ۾ ناڻي واري وزير اسد عمر، انفارميشن ٽيڪ??ال??جي واري وزير خالد مقبول صديقي، قانون واري وزير فروغ نسيم، ميري ٽائيم ??فيئر واري وزير سيد علي حيدر، وزيراعظم جي صلاحڪار ڊاڪٽر عشرت حسين، انفارميشن ٽيڪ??ال??جي واري سيڪريٽري معروف افضل، نجڪاري جي سيڪريٽري رضوان ملڪ ۽ ٻين سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي.
اي گورنمينٽ ۽ اي آفيس تي پهرين وزيراعظم آفيس ۾عملدرآمد ڪيو ويندو: وزيراعظم عمران خان
مضمون کا ماخذ : ڈاگ ہاؤس