لاڙڪاڻو – 17 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان لاڙڪاڻي ۾ احساس ايمرجنسي ڪيش ڊسٽريبيوشن سينٽر جو دورو ڪيو. سنڌ جو گورنر عمران اسماعيل ۽ خاص معاون ڊاڪٽر ثانيه نشتر پڻ وزيراعظم سان گڏ هئا. خاص معاون ڊاڪٽر ثانيه نشتر وزيراعظ?? کي ٻڌايو ته احساس ايمرجنسي ڪيش پروگرام تحت سنڌ ۾ 60 ارب رپيا ورها??ا پيا وڃن، سنڌ جي 50 لک خاندانن کي احسا?? ڪيش ڏنو پيو وڃي. وزيراعظم جي هدايت موجب احسا?? ڪيش پروگرام ۾ سنڌ جو حصو 22 سيڪڙو مان وڌائي 31 سيڪڙو ڪيو ويو آهي ته جيئن اهي خاندان فائدو کڻي سگهن جيڪي مستحق ۽ ضرورتمند آهن. وزيراعظ?? کي ٻڌايو ويو ته رڳو لاڙڪاڻي جا هڪ لک 50 هزار خاندان احسا?? ڪيش جي سهولت مان فائدو کڻندا. انهن هڪ لک 50 هزار خاندانن مان هيستائين هڪ لک 15 هزار خاندانن کي مدد ڏني وئي آهي. وزيراعظ?? کي ٻڌايو ويو ته احساس ايمرجنسي ڪيش پروگرام تحت رڳو لاڙڪاڻي ۾ 2.2 ارب رپيا مستحق خاندانن ۾ ورهايا ويندا. لاڙڪاڻي ۾ ڪيش ڊسٽريبيوشن جي لاءِ 36 سينٽر قائم ڪيا ويا آهن.
وزيراعظم جو لاڙڪاڻي ۾ احساس ايمرجنسي ڪيش ڊسٽريبيوشن سينٽر جو دورو
مضمون کا ماخذ : فنکی پھل