اسلام آباد – 12 آگسٽ (اي پي پي) ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائينز جي ملڪيت روز ويلٽ هوٽل ڏانهن 105 ملين ڊالر قرضن ۽ رهتن جي ادائگي جي منظوري ڏئي ڇڏي، نيويارڪ جي علائقي مين هٽن ۾ موجود هوٽل جي قرض جي شيڊيول موجب ادائگي ۽ ري فنانسنگ جو طريق??ڪا?? طئي ڪرڻ جي ??اء?? ناڻي واري وزارت کي قانون واري وزارت، ايوي ايشن ڊويزن ۽ منصوبابندي ڪميشن سان مشاورت ڪرڻ ۽ ان جي منظوري جي ??اء?? اي سي سي جي ايندڙ اجلاس ۾ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي. اجلاس ۾ سازگار مارڪيٽ جي صورتحال جي بنياد تي ايشيائي ترقياتي بئنڪ کي آف شور پاڪستان رپيا لنڪڊ بانڊز جاري ڪرڻ ۽ ڪامياب جوان يوٿ انٽر پرينيورشپ ا??ڪي?? ۾ لاڳاپيل طريق??ڪا?? تي پورو لهندڙ سمورن پاڪستاني شهرين کي شا??ل ڪرڻ جي ڏس ۾ پروگرام جي اهم شرطن تي نظرثاني جي منظوري پڻ ڏني وئي، اجلاس ۾ 2013ع کان التوا هيٺ پيل 5 ڪروڙ رپين تائين جا انڪم ٽيڪس ري فنڊ جي ادائگي ??اء?? 40 ارب رپين جي منظوري ڏني وئي. اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) جو اجلاس وزيراعظم جي ناڻي ۽ اوڳاڙين واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ جي صدارت هيٺ ٿيو، اجلاس ۾ پاڪستان انٽرنيشنلايئرلائينز جي نيويارڪ جي علائقي مين هٽن ۾ ملڪيتي روز ويلٽ هوٽل پاران 105 ملين ڊالر قرض جي حوالي سان سموري رهتن ۽ ذميوارين جي ادائيگي جي منظوري ڏئي ڇڏي. اي سي سي روز ويلٽ هوٽل جي مالياتي مسئلن جي حل ??اء?? هوٽل پاران مليل قرضن جي شيڊيول موجب ادائيگي يا ري فنانسنگ جي ڏس ۾ ناڻي واري وزارت کي قانون واري وزارت، ايوي ايشن ڊويزن ۽ منصوبابندي ڪميشن سانمشاورت سان طريق??ڪا?? طئي ڪرڻ ۽ ان کي منظوري جي ??اء?? اي سي سي جي ايندڙ اجلاس ۾ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ پائيدار ترقياتي هدف حاصل ڪرڻ پروگرام (ايس اي پي) تحت ليپس ٿيل 8.01 ارب رپين جي فنڊن کي فني گرانٽس ذريعي لاڳاپيل وزارتن ۽ ڊويزنن جي ??اء?? ٻيهر مختص ڪرڻ جي ڏس ۾ ڪابينا ڊويزن جي تجويز جو جائزو ورتو ۽ ان جي منظوري ڏني. اجلاس ۾ زندهه جانورن ۽ انهن جي گوشت جي مصنوعات جي عالمي واپار کي مرڪزي ڌارا ۾ آڻڻ ۽ ان حوالي سان واپار کي عالمي قاعدن ۽ طريق??ڪا?? کي لاڳو ڪرڻ جي ڏس ۾ درآمدي پاليسي آرڊر 2016ع جو جائزو ورتو ۽ ان ۾ ترميمن جي منظوري ڏني.
ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ جي صدارت ۾ ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس
مضمون کا ماخذ : prêmios raspadinha