اسلام آباد – 29 جولاءِ (اي پي پي) بل??چستان جي گورنر سيد ظهور احمد آغا سان اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ملاقات ڪئي. اطلاعات واري وفاقي وزير ظهور احمد آغا کي بل??چستان جي گورنر جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪ ڏني. ان موقعي تي ڳالهائيندي چوڌري فواد حسين چيو ته بل??چستان ۾ سماجي ۽ اقتصادي ترقي حڪومت جي اولين ترجيح آهي، بدقسمتي سان ماضي ۾ ڪنهن بل??چستان جي ترقي تي ڌيان نه ڏنو. پي ٽي آءِ جي حڪومت بل??چستان کي سڀني کان وڏو ترقياتي پيڪيج ڏنو. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان پاران اعلان ڪيل بل??چستان پيڪيج سان خطي جي 70 سالن جي محرومين جو خاتمو ٿي??دو. هن چيو ته سي پيڪ جو سڀ کان وڌيڪ فائدو بل??چستان کي ٿيندو، بل??چستان ۾ ترقياتي منصوبا حقيقي گيم چينجر ثابت ٿيندا، انهن منصوبن کي وقت سر مڪمل ڪيو وي??دو. وفاقي وزير چيو ته بل??چستان کي ملڪ جي ٻين صوبن جي برابر آندو وي??دو. هن چيو ته بل??چستان ۾ ترقي لاءِ امن ضروري آهي، اميد آهي ته بل??چستان جو گورنر امن امان جي صورتحال کي وڌيڪ بهتر ڪرڻ ۾ پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪ??دو. ان موقعي تي بل??چستان جي گورنر چيو ته وفاقي حڪومت پاران بل??چستان جي محرومين کي ختم ڪرڻ جون ڪوشش واکاڻ جوڳيون آهن، هن چيو ته هو وفاق ۽ صوبائي حڪومت جي وچ ۾ بهتر رابطن لاءِ پنهنجو ڪردار جاري رک??دو. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ بهتر رابطن جو فائدو بل??چستان جي عوام کي ٿي??دو. ان موقعي تي قومي اسيمبلي جو ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سو??ي ۽ اطلاعات واري سيڪريٽري شاهيره شاهد به موجود هئي.
بلوچستان جي گورنر سيد ظهور احمد آغا سان وفاقي وزير چوڌري فواد حسين جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : فنکی پھل