اسلام آباد – 10 – نومبر (اي پي پي) سپريم ڪورٽ آرمي پبلڪ اسڪول سانحي جي ??اڻمرادي نوٽيس ڪيس جي ??ڌڻي چئن هفتن جي ??اءِ ملتوي ڪندي وفاقي حڪومت کان ايندڙ ٻڌڻي تائين معاملي تي ??پورٽ طلب ڪري ورتي ??هي. سپريم ڪورٽ گذريل حڪمنامي تي ??ملدرآمد جي ??دايت ڪندي پنهنجي حڪم ۾ چيو آهي ته حڪومت اي پي ايس پشاور سانهي ۾ ملوث ماڻهن جي خلاف قدم کڻي، متاثر والدين جو موقف وٺي ??ار??وائي ڪئي وڃي جڏهن ته وزيراعظم عمران خان عدالت آڏو پيش ٿي عدالت کي انصاف جون گهرجون پوريون ڪرڻ جي خاطري ڪرائيندي چيو ته قانون جي بالادستي ??ي يقين رکون ٿا، ڪو قانون کان مٿانهون نه آهي، عدالت حڪم ڏي، ايڪشن کڻندس. چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ ٽي رڪني بئنچ پاڻمرادي نوٽيس ڪيس جي ??ڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس گلزار احمد پڇيو ته ڇا ذميوارن جي خلاف ڪيس داخل ٿيو؟ جنهن تي ??ٽارني جنرل ٻڌايو ته اڳ??ڻي آرمي چيف ۽ ڊي جي آءِ ايس آءِ جي خلاف انڪوائري رپورٽ ۾ ڪي فائنڊنگ نه آهن. چيف جسٽس گلزار احمد ريمارڪس ڏنا ته اربين رپيا انٽيلي جنس تي ??رچ ٿين ٿا، عوام جي حفاظت جي ڳالهه اچي ٿي ته انٽيلي جنس ڪٿي هلي وڃي ٿي، عوام ۽ ٻارن کي اسڪولن ۾ مرڻ جي ??اءِ نه ٿو ڇڏي سگهجي، چوڪيدار ۽ سپاهين جي خلاف ??ار??وائي ڪئي وئي، ا??ل ۾ ته ??ار??وائي مٿان کان شروع ٿيڻ گهرجي ??ا، جسٽس اعجازالاحسن ريمارڪس ڏنا ته ادارن کي خبر هجڻ گهرجي ??ا ته قبائلي علائقن ۾ آپريشن جو ردعمل ايندو، سڀ کان نازڪ ۽ آسان هدف اسڪول جا ٻار هئا، اهو ممڪن نه آهي ته دهشتگردن کي اندر کان سپورٽ نه ملي هجي، متاثره والدين کي تسلي ڏيڻ ضروري آهي، والدين چاهين ٿا ان وقت جي اعليٰ عملدارن جي خلاف ??ار??وائي ٿئي. ٻڌڻي دوران عدالت پاران طلب ڪرڻ تي وزيراعظم عمران خان عدالت آڏو پيش ٿيو، ا??لاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، ا??لاعات ۽ نشريات وارو مملڪتي وزير فرخ حبيب، گهرو وزير شيخ رشيد احمد، وفاقي وزير علي زيدي، خاص معاون علي نواز اعواڻ، سينيٽر عون عباس بپي پڻ ساڻس گڏ هئا. وزيراعظم عمران خان روسٽرم تي ??چي عدالت کي آگاهه ڪيو ته جڏهن اي پي ايس پشاور سانحو ٿيو ته صوبي ۾ اسان جي حڪومت هئي، واقعي جي ڏينهن ئي پشاور ويو هئس، ا??پتال وڃي زخمين سان به مليس، واقعي جي ??قت اسڪول جي ??ارن جا والدين سڪتي ۾ هئا، صوبائي حڪومت جيڪو به مداوو ڪري سگهيندي هئي ڪيو، سمورين سياسي پارٽين اختلافن کي هڪ طرف رکي اي پي ايس سانحي کانپوءِ نيشنل ايڪشن پلان ٺاهيو، ا??ان جا 80 هزار ماڻهو شهيد ٿيا، دهشتگردي جي خلاف اسان جنگ ان لاءِ کٽي ته پوري قوم پاڪ فوج سان گڏ بيٺل رهي، ا??ان جو اسامه بن لادن ۽ افغانستان جي صورتحال سان ڪو واسطو نه هو، آئون چوندو رهيس ته آمريڪا جي جنگ ۾ شامل نه ٿيو، آمريڪي دٻاءُ تي مشرف ٻاهرئين جنگ ۾ شامل ٿيو، افغانستان ۾ طالبان حڪومت اچڻ کانپوءِ داعش، ٽي ٽي پي ۽ بلوچ عليحدگي پسند پاڪستان اچي ويا، طالبان حڪومت کانپوءِ اڍائي لک ماڻهو پاڪستان جي رستي ٻاهر ويا، انهن ماڻهن جي آڙ ۾ دهشتگرد پاڪستان ۾ روپوش ٿيا، ا??ان جو نائن اليون سان ڪو تعلق نه هو، متاثر والدين جيڪي نالا ڏنا انهن مان ڪير مقدس ڳئون نه آهي، قانون جي بالادستي يقين رکان ٿو، ڪو قانون کان مٿانهون نه آهي نه ئي مقدس ڳئون، ا??لاقي ذميواري تحت ڪيئن ڪيس داخل ڪريون، عدالت ڪميشن ٺاهي، عدالت حڪم ڪري آئون ايڪشن کڻندس. ان دوران اٽارني جنرل عدالت کي ٻڌايو ته اي پي ايس سانحي تي ماڻهن کي ڦاهيون ڏنيون ويون. ان دوران چيف جسٽس گلزار احمد ريمارڪس ڏنا ته اهو نه ٿا چئون ته ايف آءِ آر داخل ڪريو، ماڻهن جي خبر ته پوي ته ذميوار ڪير آهي، شهيدن جي ??الدين کي ٻڌڻ وارو ڪير نه آهي، ڪجهه نه ڪجهه ڪاروائي ته ٿيڻ گهرجي. ان موقعي تي ??سٽس اعجازالاحسن ريمارڪس ڏنا ته غيرجانبداري سان والدين جي ??امزد ماڻهن کان جاچ ته ٿئي، توهان کي اڳ??اٽ منصوبابندي ڪرڻي پوندي، عدالتي ??ڪم ۾ نالا واضح آهن، ا??ليٰ سطحي ڪميٽي جاچ ڪري سگهي ٿي، عدالت کي خاطري ڪرايو توهان ايڪشن کڻندا، واضح قدم کڻي عدالت کي آگاهه ڪريو، تعين ڪريو ته ڪنهن جي ڪهڙي ذميواري هئي، حڪومت کي ڏسڻو پوندو ته سانحي جي ??ٺيان ڪهڙا سبب هئا، سمجهون ٿا ته سانحو ان وقت جي حڪومت جي ??اڪامي هئي. ان دوران وزيراعظم عمران خان چيو ته افغانستان جو مسئلو حل ٿيڻ تائين مسئلو رهندو، وزيراعظم عمران خان عدالت کي انصاف جون گهرجون پوريون ڪرڻ جي خاطري ڪرائيندي چيو ته قانون جي بالادستي ??ي يقين رکان ٿو، ڪو قانون کان مٿانهون نه آهي نه ئي مقدس ڳئون، عدالت حڪم ڪري آئون ايڪشن کڻندس، ا??ان نيشنل انٽيلي جنس ڪوآرڊينيشن ڪميشن ٺاهي جيڪا معاملي کي ڏسي رهي آهي. چيف جسٽس گلزار احمد وزيراعظم عمران خان کي مخاطب ڪندي ريمارڪس ڏنا ته ڪنهن جي خلاف ڪجهه ملي ٿو ته ??ار??وائي ڪريو، 7 سالن کان ڪنهن وڏي جي خلاف ??ار??وائي ناهي ٿي، هاڻي توهان بااختيار وزيراعظم آهيو. ٻڌڻي دوران جسٽس قاضي امين ريمارڪس ڏنا ته مظلوم جو ساٿ ته اهو ئي آهي ته ظالم جي خلاف ??ار??وائي ٿئي. اعليٰ عدليه وفاقي حڪومت کان ايندڙ ٻڌڻي تائين معاملي تي ??پورٽ طلب ڪندي ڪيس جي ??ڌڻي چئن هفتن جي ??اءِ ملتوي ڪري ڇڏي. سپريم ڪورٽ گذريل حڪمنامي تي ??ملدرآمد جي ??دايت ڪندي پنهنجي حڪم ۾ قرار ڏنو آهي ته حڪومت اي پي ايس پشاور سانحي ۾ ملوث ماڻهن جي خلاف مثبت قدم کڻي، حڪومت والدين جو موقف وٺي ??ار??وائي ڪري. وزيراعظم عمران خان سپريم ڪورٽ کي انصاف جون گهرجون پوريون ڪرڻ جي خاطري ڪرائي ڇڏي.
سپريم ڪورٽ آرمي پبلڪ اسڪول سانحي جي پاڻمرادي نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي چئن هفتن جي لاءِ ملتوي
مضمون کا ماخذ : پرامڈ ادا کرتا ہے۔