اسلام آباد – 22 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت پوکيءَ جي شعبي ۾ بهتر ٽيڪنيڪ اختيار ڪري ف??لن جي في ايڪڙ پيداوار وڌائڻ تي ڌيان ڏئي رهي آهي، ٻجن ۽ ڀاڻ جي بهتر معيار جي پيداوار جي لاءِ تحقيق ۽ ترقي ۾ سيڙپڪاري ڪري رهيا آهيون. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ملڪ ۾ خريف جي ف??لن بابت اجلاس ٿيو جنهن ۾ نيشنل فوڊ سيڪيورٽي واري وفاقي وزير سيد فخر امام، ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت فياض ترين، واپار واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود، صنعت واري وفاقي وز??ر مخدوم خسرو بختيار ۽ ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. پنجاب، سنڌ، خيبرپختونخواهه ۽ بلوچس??ان جي صنعت وارن صوبائي وزيرن وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته خريف جي ف??لن ۾ ڪپهه، چانور، مڪئي ۽ ڪمند ملڪ ۾ پوکي ويندڙ وڏيون فصلون آهن، حڪومت جي زراعت دوست پاليسين جي ڪري انهن سمورين ف??لن جي في ايڪڙ پيداوار ۾ اضافي جو رجحان ڏٺو پيو وڃي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته سٺي معيار جي ٻجن ۽ جيت مار دوائن، موثر تحقيق ۽ ترقي ۽ ٽيڪنالاجي جي منتقلي ۾ وڏي سيڙپڪاري ڪري ملڪ ۾ زرعي شعبي کي وڌيڪ بهتر ??ڻا??ي سگهجي ٿو. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته ملڪ ۾ غذائي تحفظ کي يقيني ??ڻا??ڻ جي لاءِ سمورين ف??لن جي پيداوار کي بهتر ??ڻا??ڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کنيا وڃن.
حڪومت پوکيءَ جي شعبي ۾ بهتر ٽيڪنيڪ اختيار ڪري فصلن جي في ايڪڙ پيداوار وڌائڻ تي ڌيان ڏئي رهي آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : پاکستان لاٹری نمبر