اسلام آباد – 18 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمو?? قريشي سان او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي غيرمعمولي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ پاڪستان جي دوري تي آيل بوسني?? جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر بسير اترڪووچ وفد سان گڏ پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻطرفن لاڳاپن، علائقائي صورتحال سميت گڏ??ل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. شاهه محمو?? قريشي چيو ته پاڪستان ۽ بوسني?? جي وچ ۾ گهرا لاڳاپا موجود آهن. پرڏيهي وزير ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري لاڳاپن جي فروغ جي لاءِ وفدن جي مٽاسٽ?? جي ضرورت تي زور ڏنو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن پاڪستان ۽ بوسني?? جي وچ ۾ گڏ??ل اقتصادي ۽ واپاري ڪميشن جا اجلاس باقاعده منعقد ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. پرڏيهي وزير چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعليم جي شعبي ۾ تعاون جي فروغ لاءِ طئي ٿيل معاهدي تحت شاگردن، استادن ۽ محققن جي مٽاسٽا ڪارائتي ثابت ٿي سگهي ٿي. بوسني?? جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر بسير اترڪووچ شاندار استقبال ۽ پرخلوص ميزباني تي پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمو?? قريشي جا ٿورا مڃيا.
پرڏيهي وزير ڌشاهه محمود قريشي سان بوسنيا جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر بسير اترڪووچ جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈز کی جیت