اسلام آباد – 13 جنوري (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان عاصم افتخار چيو آهي ته ڀارت موجوده صورتحال کي وڌيڪ مُشڪل بڻائڻ جي ??اءِ هڪ وڌيڪ جعلي فليگ آپريشن ڪري سگهي ٿو، پاڪستان ڪ??مي?? تڪرار ۽ مظلوم ڪ??مي??ين جي حقن کي سمورن عالمي فورمز تي اجاگر ڪندو رهندو، پاڪستان ڀارت سميت پنهنجي ??اڙيسرين سان پرامن لاڳاپن لاءِ پرعزم آهي. هفتيوار بريفنگ ڏيندي هن چيو ته پاڪستان، چين سان ترقياتي حصيداري کي وڌيڪ مضبو?? بڻائڻ چاهي ٿو، هن چيو ته وزيراعظم عمران خان چيني قيادت جي دعوت تي سرمائي ۽ اولمپڪس گيمز بيجنگ 2022ع جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت جي ??اءِ ايندڙ مهيني جي 3 تاريخ کان چين جو ٽن ڏينهن جو دورو ڪندو. ترجمان چيو ته وزيراعظم عمران خان دوري دوران پاڪ چين اسٽريٽجڪ تعاون تي ٻڌل حصيداري کي وڌيڪ مضبو?? بڻائڻ لاءِ چين جي ??يادت سان به ڳالهه ٻولهه ڪندو. ان کانسواءِ علائقائي ۽ عالمي معاملن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي. ترجمان چيو ته پاڪستان بيجنگ ۾ ڪامياب سرمائي اولمپڪس جو منتظر آهي، ترجمان چيو ته پاڪستان پائيدار ترقي لاءِ گڏيل قومن جي 2030ع جي ايجنڊا تي عملدرآمد کي آسان بڻائڻ لاءِ چيني صدر شي جن پنگ پاران پيش ڪيل عالمي ترقياتي قدمن جي آجيان ڪري ٿو. هن چيو ته ان سان دنيا کي درپيش ٽن چئلينجن تي ضابطو آڻڻ جي ??اءِ گهربل عالمي تعاون کي فروغ ڏيڻ ۾ مدد ملندي. جنهن ۾ ڪووڊ – 19، لاڳاپيل اقتصادي بحران ۽ موسمياتي تبديلي شامل آهن، ترجمان چيو ته گلوبل ڊولپمينٽ انيشيٽو ڪووڊ 19 جي صورتحال کانپوءِ معاشي بحالي سان گڏوگڏ ڊگهي مدي واري پائيدار ترقي لاءِ اسرندڙ ملڪن سان تعاون جون نيون راهون کوليندو. هن چيو ته پاڪستان ۽ چين مضبوط ترقياتي حصيدار آهن، اسان چين جي عالمي ترقياتي قدمن تحت ان حصيداري کي وڌيڪ مضبو?? بڻائڻ چاهيون ٿا. هڪ سوال جي جواب ۾ پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته پاڪستان ڀارت سميت پنهنجي سمورن پاڙيسري ملڪن سان پرامن لاڳاپن لاءِ پرعزم آهي، تنهن هوندي به هن واضح ڪيو ته ڳالهين جي ??اءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ جي ذميداري ڀارت تي لاڳو ٿئي ٿي. هن افسوس جو اظهار ڪيو ته ڀا??ت جي تعصباڻي ۽ منفي رويي ۾ ڪا به تبديلي نظر نه اچي رهي آهي، ترجمان چيو ته پاڪستان ڪ??مي?? تڪرار ۽ مظلوم ڪ??مي??ين جي حقن کي سمورن عالمي معاملن تي اجاگر ڪندو رهندو. ترجمان چيو ته ڀارت قابض فوج والاريل ڄمون ۽ ڪ??مي?? ۾ قتل ۽ غا??ت جو سلسلو جاري رکيو آهي، هن سال جي آغاز کان هن وقت تائين گهٽ ۾ گهٽ 15 ڪ??مي??ي جعلي مقابلن ۽ نام نهاد گهيراءُ ۽ گهر گهر تلاشي جي ڪاررواين ۾ عدالت کان مٿانهين قتل جو شڪار ٿي چڪا آهن، ترجمان عالمي برادري کان مطالبو ڪيو آهي ته هو ڀا??ت جي غير قانوني طور تي والاريل ڄمون ۽ ڪ??مي?? ۾ ڀارتي رياستي دهشتگردي جو فوري نوٽيس وٺي ۽ والاريل وادي ۾ انساني حقن ۽ عالمي انساني قانونن جي سنگين خلاف ورزين لاءِ ڀارت کي جوابده بڻائي، هن چيو ته هندستان کي عالمي انساني حقن ۽ انساني حقن جي تنظيمن کي والاريل وادي ۾ آزاداڻي جاچ ڪرڻ جي ??اءِ بنا روڪ ٽوڪ پهچ جي اجازت ڏيڻ گهرجي، افغانستان جي حوالي سان ترجمان چيو ته اتي انسان تباهي کي روڪڻ لاءِ فوري ڪارروائي جي ضرورت آهي.
ڀارت موجوده صورتحال کي وڌيڪ مُشڪل بڻائڻ جي لاءِ هڪ وڌيڪ جعلي فليگ آپريشن ڪري سگهي ٿو: پرڏيهي آفيس
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ خریدیں