اسلام آ??اد – 18 – مارچ (اي پي پي) ايوان صدر جي جامع مسجد مان جمعي جو خطبو سڌو سنئون نشر ڪيو ويو، صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ ايوان صدر جي عملدارن ۽ عملي جمعي جي نماز ??دا ڪئي، ايوان صدر جي جامع مسجد مان ”اسلامو فوبي?? جي عالمي ڏينهن“ جي موضوع تي خطبو ڏنو ويو، اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي چيئرمين ڊاڪٽر قبله اياز جمعي جو خطبو ڏنو، هن چيو ته مسلمانن س??ائ??ن علم کي فروغ ڏنو آهي، خطيب ان ڳالهه تي زور ڏنو ته اسان کي ايندڙ نسلن جي لاءِ بهتر معاشرو ۽ ماحول ڇڏڻو آهي. هن چيو ته گڏيل قومن ۾ اسلامو فوبي?? جي حوالي سان قرارداد منظور ڪئي وئي آهي جنهن جي منظوري ۾ سمورن اسلامي ملڪن اهم ڪردار ??دا ڪيو آهي، ڊاڪٽر قبله اياز چيو ته مسلمانن س??ائ??ن هر معاشري جي بهتري لاءِ ڪم ڪيو، وسيلن ۽ ٽيڪنالاجي سان پوري انسانيت جي بهتر ممڪن بڻائي سگهجي ٿي، واضح ??هي ته صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي هدايت تي ماڻهن جي رهنمائي لاءِ ايوان صدر جي جامع مسجد مان جمعي جو خطبو سڌو سنئون نشر ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي، جمعي نماز جي موقعي تي ملڪ ۽ قوم جي سلامتي، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ دعا ڪئي وئي.
ايوان صدر جي جامع مسجد مان جمعي جو خطبو سڌو سنئون نشر ڪيو ويو
مضمون کا ماخذ : Loteria Instantânea