اسلام آباد – 27 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات وار?? وفاقي وزير چوڌري فواد ح??ين چيو آهي ته عمران خان کي تخت ۽ تاج جي ڪا پرواهه نه آهي، عمران خان مسلمان امت جي ضرورت بڻجي بيٺل آهي، عمران خان تائين پهچڻ جي ??اءِ 20 ڪروڙ عوام مان گذري اچڻو پوندو، پـٺيءَ ۾ ڇرو گهونپڻ وارا اسلام آباد ۾ لڪي ويٺل آهن، پنهنجي تڪن ۾ وڃي ڏسن هر منٽ ۾ انهن کي سئو جوتا پوندا. پريڊ گرائونڊ اسلام آباد ۾ امر بالمعروف جلسي کي خطاب ڪندي اطلاعات وار?? وفاقي وزير جلسي ۾ موجود پاڪستان تحريڪ انصاف جي ??کين ڪارڪنن کي سلام پيش ڪندي چي?? ته عوام ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته اسلام آباد جو اقتدار ڪنهن سازش سان نه عوام مان ٿي گذرندو. هن چي?? ته مون چيو ه?? ته 10 لک ماڻهن جو ميڙ هوندو ۽ سازشين کي ان مان گذري وڃڻو پوندو، اڄ ٻڌائي رهيو آهيان ت?? انهن ماڻهن کي 20 ڪروڙ عوام مان گذري عمران خان تائين پهچڻو پوندو. هن چي?? ته عمران خان کي تخت ۽ تاج جي ڪا پرواهه نه آهي، عمران خان مسلمان امت جي ضرورت بڻجي بيٺل آهي، عمران خان پاڪستان ۽ ان جي عوام جي ضرورت آهي. هن چي?? ته پاڪستان تحريڪ انصاف کي ايواني سازشن سان ڪا دلچسپي نه آهي، اسان عوام مان آهيون ۽ عوام ۾ ئي رهنداسين، اسان کي اقتدار به عوام ڏنو آهي ۽ اسان اقتدار عوام جي سر تي رکنداسين، عمران خان کي تخت ۽ تاج جي ڪا لالچ نه آهي، اقتدار ۾ اچڻ وڃڻ سان ان کي ڪو فرق نه ٿو پوي، فرق پوند?? ته اهو مون کي ۽ عوام کي پوندو. چوڌري فواد ح??ين چي?? ته پٺيءَ ۾ ڇرو گهونپڻ وارا اسلام آباد ۾ لڪي ويٺل آهن، پنهنجي تڪن ۾ وڃي ڏسن هر منٽ ۾ انهن کي سئو جوتا پوندا. هن چي?? ته عمران خان غربت جو درد رکندڙ ليڊر آهي، عمران خان اقتدار نه قدرن جي سياست ڪري ٿو، عوام وزيراعظم عمران خان جي اشاري جي ??نتظر آهي.
عمران خان کي تخت ۽ تاج جي ڪا پرواهه نه آهي، عمران خان مسلمان امت جي ضرورت بڻجي بيٺل آهي: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ جیتنے کے طریقے