اسلام آباد – 19 – مئي (اي پي پي) صدر ڊ??ڪٽر عارف علوي چيو آهي ته قومي ترقي جي رفتار وڌائڻ لاءِ مصنوعي ذهانت، ڪوانٽم ڪمپيوٽنگ، ڊيٽا اينالسز، سائبر سيڪيورٽي ۽ خلائي ٽيڪنالاجي جهڙين اڀرندڙ ٽيڪنالاجيز جي ميدان ۾ فڪري صلاحيتن کي وڌائڻ لاءِ ڪوششون تيز ??رڻ جي ضرورت آ??ي. ??هڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ سينئر آفيسر ليڊر شپ ڪورس جي شريڪ ٿيندڙن سان ڳالهائيندي ڪيو. شريڪ ٿيندڙن کي خطاب ڪندي ان ڳالهه تي زور ڏنو ته تدريسي ۽ اعليٰ تعليمي ادارن کي انفارميشن اينڊ ڪميونيڪيشن ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ هنرمند پيشيور ماڻهن جي مارڪيٽ جي ضرورتن کي موثر طريقي سان پورو ??رڻ لاءِ هڪ فعال انداز اختيار ??رڻ گهرجي. هن چيو ته خطي جي ٻين ملڪن جي مقابلي ۾ پاڪستان ۾ يونيورسٽين ۾ داخلا جي شرح گهٽ آهي جيئن آن لائن ۽ هائيبرڊ تعليم جي طريقن کي اختيار ڪري وڌڻ جي ضرورت آ??ي. ??در ان ڳالهه تي روشني وڌي ته ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ نمايان تبديليون ٿي رهيون آهن ۽ پاڪستان کي چوٿين صنعتي انقلاب جي ثمرن سان پوري طرح فائدو وٺڻ لاءِ پنهنجي فيصلا سازي جي رفتار کي وڌائڻ جي ضرور?? آهي، هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته نوجوانن کي مارڪيٽ جي ضرورت موجب مهارتن سان ليس ??رڻ گهرجي ۽ ”ڊيجي اسڪلز“ جهڙي آن لائين تربيت جي پروگرامن کي وڌائڻ جي ضرور?? آهي، هن چيو ته جديد ترين آءِ ٽي اسڪلز اسان جي نوجوانن کي پنهنجون خدمتون آن لائين پيش ڪري پنهنجي لاءِ ڪمائڻ ۽ قومي معيشت ۾ پنهنجو حصو وجهڻ جي قابل بڻائيندا. هن چيو ته پاڪستان کي ترقي جي تيز رفتار راهه تي گامزن ??رڻ لاءِ جديد انداز اختيار ??رڻ گهرجن، ۽ پنهنجي انساني وسيلن خاص طور تي نوجوان آباد جي فڪري ترقي ۾ سيڙپڪاري ??رڻ گهرجي. ملڪ ۾ توانائي جي مسئلن جي باري ۾ ڳالهائيندي صدر ملڪ ۾ توانائي جي مستحڪم ۽ پائيدار فراهمي کي برقرار رکڻ لاءِ توانائي جي قابل تجديد ۽ غير قابل تجديد ذريعن کي استعمال ۾ آڻڻ تي زور ڏنو. هن جعلي خبرن ۽ غلط معلومات جي پکيڙ کان بچڻ لاءِ نوجوانن ۾ اخلاقي قدرن ۽ تنقيدي سوچ جون مهارتون پيدا ??رڻ جي ضرورت تي به زور ڏنو.
قومي ترقي جي رفتار وڌائڻ لاءِ مصنوعي ذهانت ۽ اڀرندڙ ٽيڪنالاجيز جي ميدان ۾ فڪري صلاحيتن کي وڌائڻ لاءِ ڪوششون تيز ڪرڻ جي ضرورت آهي: صدر
مضمون کا ماخذ : جڑواں اسپن