اسلام آباد – 13 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ٽيڪس ڪلچر کي عام ڪرڻ ۽ ??ڪا??تن جي ازالي جي نظام کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته شفاف نظام يقيني بڻائي ٽيڪس ۾ اضافو ڪري سگهجي ٿو، وفاقي ٽيڪس ??حتسب جي اداري تي عوام جو اعتبار وڌي رهيو آهي ۽ ??ڪا??ت ڏيندڙن جي ??ڪا??تن کي گهٽ کان گهٽ وقت ۾ حل ڪيو پيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن هتي ايوان صدر ۾ وفاقي ٽيڪس ??حتسب جي ”فوري انصاف توهان جي چائنٺ تي“ جي موضوع تي آگاهي سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. سيمينار ۾ وفاقي ٽيڪس ??حتسب ڊاڪٽر عاصف محمودجاه هراسان جي خلاف تحفظ لاءِ وفاقي محتسب ڪشمالا طارق، وفاقي انشورنس محتسب ڊاڪٽر محمد خاور جميل، اڳوڻو وفاقي ٽيڪس ??حتسب ڊاڪٽر شعيب سڊل، ايف بي ??ر، وفاقي ٽيڪس ??حتسب آفيس ۽ ٻين ادارن جي سينئر آفيسرن ۽ مختلف چيمبرز آف ??امرس اينڊ انڊسٽري جي نمائندن شرڪت ڪئي. صدر چيو ته وفاقي ٽيڪس ??حتسب جو ادارو ٽيڪس گذارن جي سهولت ۽ انهن جي مسئلي جي حل لاءِ بهترين ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. ٽيڪس ??ظام ۽ ??ڪا??تن جي ازالي بابت عوام ۾ شعور اجاگر ڪرڻ جي ضرورت آهي. عوام مجموعي طور تي ٽيڪس ادا ڪرڻ چاهي ٿي، هن چيو ته اسلامي رياست ۾ زڪوات جو نظام اهم آهي، هڪ مهذب معاشري لاءِ ضروري آهي ته نادرا ماڻهن جي زندگي جو معيار بلند ڪري، قومي وحدت لاءِ جعلي خبرن جهڙي چئلينجن کي منهن ڏيڻ ضروري آهي. صدر چيو ته ٽيڪس جي ??ڪا??تن جي حوالي سان تعاون، انصاف جو رستو کوليندو آهي، ??ڪا??تن جي الزالي لاءِ وقت 60 ڏينهن کان گهٽ ڪري 40 ڏينهن تي اچي ويو آهي، ٽيڪس ??ظام ۽ ??ڪا??تون داخل ڪرڻ ۾ ڊجيٽلائيزيشن سان شفافيت اچي رهي آهي، وفاقي ٽيڪس ??حتسب جهڙن ادارن لاءِ ٽيڪنالاجي مددگار ثابت ٿيندي، صدر وفاقي ٽيڪس ??حتسب ۽ ان جي ٽيم کي ??ڪا??تن جي ازالي لاءِ ڪيل ڪوششن تي مبارڪباد پيش ڪئي، صدر چيو ته ??ڪا??تن جي ازالي ۾ غير ضروري دير سان ٽيڪس گذارن کي مشڪلاتون درپيش اينديون آهن، جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال سان ڪرپشن ۽ بدانتظامي ۾ گهٽتائي آڻي سگهجي ٿي. بلاڪ چين ٽيڪنالاجي جي مدد سان فنڊن جي ڪرپشن، انڊر انوائيسنگ ۽ رشوت کي روڪي سگهجي ٿو. جديد آءِ ٽي نظام جي ذريعي ٽيڪس گذارن کي جلد رليف فراهم ڪري سگهجي ٿو. داڪٽر عارف علوي ٽيڪس گذارن تي زور ڏنو ته هو ٽيڪس عملدارن جي ناانصافي، ??ڪا??تن جي ازالي ۽ انصاف کي حاصل ڪرڻ لاءِ وفاقي ٽيڪس ??حتسب سان رابطو ڪن، هن چيو ته مسئلن جي وقت سر حل لاءِ حڪومتي ادارن ۽ عوام جي وچ ۾ بهتر رابطن جي ضرورت آهي، صدر چيو ته وفاقي ٽيڪس ??حتسب ۾ ماڻهن جي ??ڪا??تن جي باري ۾ ماڻهن کي ڀرپور آگاهي ڏيڻ اڻٽر آهي. ٽيڪس گذارن کي انصاف جي فراهمي لاءِ ٽيڪس ??حتسب جي دائري ڪار کي وڌائڻو پوندو. صدر چيو ته غير ضروري دير سان ٽيڪس گذارن کي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوندو آهي، جديد ٽيڪنالاجي کي اختيار ڪري بدعنواني کي ختم ڪري سگهجي ٿو. ان موقعي تي وفاقي ٽيڪس ??حتسب جي ڪارڪردگي جي باري ۾ هڪ دستاويزي فلم به ڏيکاري وئي.
صدر پاران ٽيڪس ڪلچر کي عام ڪرڻ ۽ شڪايتن جي ازالي جي نظام کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي ضرورت تي زور
مضمون کا ماخذ : سانتا کی جنگلی سواری۔