دوحه – 24 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف قطر جي امير جي والد شيخ حمد بن خليفا الثاني ۽ والده موزه بنت نصر سان ??لاقات ڪئي ۽ ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ انهن جي ڪردار کي ساراهيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان ??وجب وزيراعظم پنهنجو ۽ پنهنجي وفد جو گرمجوشي سان استقبال ڪرڻ تي قطر جي امير جي والد جا ٿورا مڃيا، ان جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ گڏيل اعتماد ۽ حمايت جي مضبوط بنياد تي قائم قطر سان ??راڻن ۽ ويجهن ??اڳاپن کي پاڪستان ??اران ڏيندڙ اهميت جو ذڪر ڪيو. 1999ع ۽ 2017ع ۾ قطر جي امير جي والد جي پاڪستان جي دورن جو ذڪر ڪندي وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾لاڳاپا مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ان جي ڪردار کي ساراهيو ۽ ان جي دور ۾ ٻطرفن لاڳاپن ۾ استحڪام جو اعتراف ڪيو. قطر جي امير جي والده شيخه موزه بنت نصر جي سرپرستي ۾ ”تعليم سڀ کان ??ڌيڪ“ پروگرام جو ذڪر ڪندي وزيراعظم انساني همدرديءَ ۽ خيراتي سرگرمين جي لاءِ ان جي ڪوششن ۽ پاڪستان سميت ??ڄي دنيا ۾ خاص طور تي اسڪول کان ??اهر ٻارن جي داخلا لاءِ خدمتن کي ساراهيو. وزيراعظم قطر ۽ پاڪستان جي ترقي ۾ ڪردار ادا ڪندڙ قطر ۾ رهندڙ 2 لک کان ??ڌيڪ پاڪستانين جي ميزباني تي قطر جي امير جي والد جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم قطر جي ويزن 2030ع جي حوالي سان ??طر سان ??ڌيڪ تعاون جي خاطري ڪرائي. وزيراعظم فيفا ورلڊ ڪپ 2022ع جي ميزباني تي قطر جي لاءِ خيرسگالي جذبن ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم ان کي پاڪستان جي دوري جي دعوت به ڏني.
وزيراعظم جي قطر جي امير جي والد ۽ والده سان ملاقات
مضمون کا ماخذ : فائر جوکر