ڪراچي -04 نومبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه 46.3 ارب رپين جي لاڳت سان تيز برساتن/ ٻوڏ سبب تباهه ٿيل 71 روڊن جي اوور هالنگ/ نئين سِر تعمير جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي ته جيئن ڪم جلد کان جلد شروع ڪيو وڃي. هن چيو ته ٽٽل روڊن جي اوور هالنگ خاص ڪري ننڍا روڊ جيڪي فارمن کي مارڪيٽ ۽ مختلف ڳوٺن کي مکيه شاهراهن سان ڳنڍيندا آهن اهي معيشت جي بحاليءَ ۽ عوام جي سهولت ۽ اچ وڃ جي لاءِ اهم آهن. هن اها ڳالهه وز??را??ليٰ هائوس ۾ هڪ اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. اجلاس ۾ ورڪس وارو صوبائي وزير ضياءَ عباس شاهه، چيف سيڪريٽري سهيل راجپوت، چيئرمين پي اينڊ ڊي حسن نقوي، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري فياض جتوئي، سيڪريٽري ورڪس عمران عطا ۽ چيف انجنيئر روڊز شرڪت ڪئي. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته 23 ضلعن جا 71 روڊ جن جي ڪل ڊيگهه 1473.38 ڪلو??يٽ?? آهي اهي تيز برساتن ۽ ٻوڏ سبب تباهه ٿي ويا آهن جن ۾ ڄامشورو ضلعي ۾ 157.7 ڪلو??يٽ?? جا 6 روڊ، دادو ۾ 149.27 ڪلو??يٽ?? جا 5 روڊ، شهيد بينظير آباد جا 106.6 ڪلو??يٽ?? جا 3 روڊ، نوشهروفيروز ۾ 137 ڪلو??يٽ?? جا 9 روڊ، حيدرآباد ۾ 20.4 ڪلو??يٽ?? جا 2 روڊ، ٽنڊوالهيار ۾ 93.8 ڪلو??يٽ?? جا 6 روڊ، ٽنڊو محمد خان ۾ 19 ڪلو??يٽ?? جو هڪ روڊ، ٺٽي ۾ 65 ڪلو??يٽ?? جا 4 روڊ، سجاول ۾ 55.5 ڪلو??يٽ?? جا 2 روڊ، بدين ۾ 71 ڪلو??يٽ?? جو هڪ روڊ، ميرپورخاص ۾ 80 ڪلو??يٽ?? جا 2 روڊ، عمرڪوٽ ۾ 20 ڪلو??يٽ?? جو هڪ روڊ، سانگهڙ ۾ 46 ڪلو??يٽ?? جا 3 روڊ، ٿرپارڪر ۾ 35 ڪلو??يٽ?? جو هڪ روڊ، سکر ۾ 58 ڪلو??يٽ??ن جا 5 روڊ، گهوٽڪي ۾ 9 ڪلو??يٽ?? جو هڪ روڊ، خيرپور ۾ 23 ڪلو??يٽ?? جا 2 روڊ، شڪارپور ۾ 67 ڪلو??يٽ?? جا 3 روڊ، جيڪب آباد ۾ 45.45 ڪلو??يٽ?? جا 3 روڊ، ڪشمور ۾ 52.29 ڪلو??يٽ?? جا 3 روڊ، لاڙڪاڻي ۾ 92.65 ڪلو??يٽ?? جا 5 روڊ ۽ قمبر-شهدادڪوٽ ۾ 67.2 ڪلو??يٽ?? جا 3 روڊ شامل آهن. ورڪس واري وزير ضياءَ عباس شاهه وڏي وزير کي ٻڌايو ته روڊن جي لاڳت جو ڪاٿو 46.32 ارب رپيا لڳايو ويو آهي. سنڌ جي وڏي وزير اسڪيم جي منظوري ڏيندي چيئرمين پي اينڊ ڊي حسن نقوي کي هدايت ڪئي ته هو جلد کان جلد ڪم کي باقاعده فائنل ڪري ان تي عمل شروع ڪري. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ايشيائي ترقياتي بئنڪ (ADB) صوبي جي ڪجهه وڏن روڊن جي مرمت جي ڪم لاءِ مالي مدد ڪرڻ تي پڻ اتفاق ڪيو آهي جنهن لاءِ ضروري ڪاغذ مڪمل ڪيا پيا وڃن.
سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه 46.3 ارب رپين جي لاڳت سان تيز برساتن/ ٻوڏ سبب تباهه ٿيل 71 روڊن جي اوور هالنگ/ نئين سِر تعمير جي منظوري ڏئي ڇڏي
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کا اطلاق