ڊيووس – 20 – جنوري (اي پي پي) ماحولياتي تبديلي واري وفاقي وزير سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته ??نيا کي هن وقت ماحولياتي تبديلين جي ڪري وڏا مسئلا درپيش آهن جن کي حل ڪرڻ جي لاءِ گڏيل تعاون کي فروغ ڏيڻو پوندو، پاڪستان ماحولياتي تبديلين جي چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ عملي قدم کڻي رهيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن عالمي اقتصاد?? فورم جي موقعي تي پاڪستان پويلين جي شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي وفاقي وزير ملڪ ۾ قدرتي ماحول جي تحفظ ۽ بحال?? جي منصوبن بابت شرڪت ڪندڙن کي آگاهه ڪيو. هن موجوده حڪومت جي ليونگ انڊس منصوب?? جي مقصدن ۽ قدرتي ماحول ۽ پاڻي وسيلن جي بحال?? جي حوالي سان ا?? جي افاديت بابت بريفنگ ڏني. وفاقي وزير پاڪستان ۾ تازي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جي ڪري نقصانن ۽ بحالي ۽ نئين سر تعمير جي ڪوششن کي پڻ اجاگر ڪيو. هن ا?? ڏس ۾ عالمي برادر?? جي تعاون ۽ حمايت کي ساراهيندي چيو ته ماحولياتي تبديلين جي اثرن سان پيدا ٿيندڙ مسئلن کي منهن ڏيڻ هڪ وڏو چئلينج آهي. هن چيو ته پاڪستان ماحولياتي تبديلين جي سببن جو ذميوار نه آهي پر ان جي باوجود ان جي منفي اثرن جو شڪار آهي، پاڪستان ماحولياتي تبديلين جي اثرن ۾ گهٽتائي آڻڻ جي ڪوشش جي سلسلي ۾ قدرتي ماحول جي تحفظ ۽ فروغ جي منصوبن تي ڪم ڪري رهيو آهي جڏهن ته ??ن ڏس ۾ عالمي سطح تي گڏيل قدمن جي ضرورت آهي ته ??يئن ماحولياتي لحاظ کان مضبوطي حاصل ڪرڻ جي ذريعي قدرتي آفتن جي نقصانن کي گهٽ ڪري سگهجي.
دنيا کي هن وقت ماحولياتي تبديلين جي ڪري وڏا مسئلا درپيش آهن: شيري رحمان
مضمون کا ماخذ : الوہا کلسٹر ادائیگی کرتا ہے۔