ڪراچي – 02 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته سستي توانائي پاڪستان جي ضرورت آهي، ڊيمز جي تعمير ۽ متبادل توانائي جي منصوبن جي مڪمل ٿيڻ ??ان ايندڙ ڪجهه سالن ۾ پاڪستان کي سستي توانائي حاصل ڪرڻ ??ان اربين ڊالرن جي بچت ٿيندي، سي پيڪ جو منصوبو ويجهي ماضي ۾ پنهنجي پيدا ڪيل مشڪلاتن جي ڪري تعطل جو شڪار ٿيو، سي پيڪ منصوبن ۽ چيني ڪمپنين ??ان حصيداري وڌائينداسين، جنهن سان م??ڪ ۾ ترقي ۽ خوشحالي ايندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪي ٿري منصوبي جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته سندس لاءِ ان م??صوبي جو افتتاح ڪرڻ اعزاز جي ڳالهه آهي، ان م??صوبي سان م??ڪ ۾ توانائي جو?? ضرورتون پوريون ڪرڻ ۾ مدد ملندي. هن چيو ته پاڪستان 27 بلين ڊالر جي پيٽروليم مصنوعات درآمد ڪري ٿو، جيڪو ا??ان جي لاءِ وڏي مالي مشڪلاتن جو سبب آهي، هن پلانٽ ??ان سستي توانائي حاصل ٿيندي، جيڪا پاڪستان جي وڏي ضرورت آهي. وزيراعظم چيو ته الله تعاليٰ پاڪستان کي اهڙا وسيلا مهيا ڪيا آهن ته ا??ان هائيڊل ۽ ٻين ذريعن ??ان سستي بجلي پيدا ڪري سگهون ٿا پر ا??ان ان سگهه کان گهٽ بجلي پيدا ڪري رهيا آهيون. وزيراعظم چيو ته ديامير ڀاشا ۽ داسو ڊيم تعمير هيٺ آهن، انهن جي آپريشنل ٿيڻ ۾ وڌيڪ 4، 5 سال لڳندا، پاڪستان سج ۽ هوا مان سستي بجلي حاصل ڪري سگهي ٿو، ايندڙ سالن ۾ متبادل توانائي جي منصوبن مان سستي بجلي حاصل ٿيندي. هن چيو ته ٿر ۾ الله تعاليٰ ا??ان کي تمام گهڻن قدرتي وسيلن ??ان نوازيو آهي، جيڪي ا??ان جي ايندڙ ڪيترن ئي سئو سالن جي ضرورت پوري ڪرڻ جي لاءِ ڪافي آهن ۽ ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. حڪومت متبادل توانائي جي منصوبن تي ڪم اڳتي وڌائيندي ته جيئن پيٽروليم مصنوعات جي مد ۾ خرچ ٿيندڙ اربين ڊالر بچي سگهن. وزيراعظم چيو ته ڪي ٿري منصوبي کي نواز شريف جي دور ۾ حتمي شڪل ڏني وئي، اڄ اهو 1100 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪري رهيو آهي، ان تي وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، ان سلسلي ۾ چيني دوستن ??ان ڳالهه ٻولهه ٿي رهي آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ تازي ٻوڏ ??ان وڏي پئماني تي تباهي ٿي ۽ 30 ارب ڊالر جو معا??ي نقصان ٿيو، ان صورتحال ۾ ا??ان چيني دوستن مان اميد ڪريون ٿا ته اهي في يونٽ قيمت ۾ گهٽتائي ڪندا. وزيراعظم چيو ته چشما فائيو جو معاهدو به جلد ٿيندو. پاڪستان ۽ چين بهترين دوست ۽ ڀائر آهن، گذريل 75 سالن دوران ا??ان جي دوستي وقت جي هر آزمائش تي پورو لٿي آهي ۽ هر قسم جي حالتن ۾ چين پاڪستان جو ساٿ ڏنو آهي. هن چيو ته 2015ع ۾ نواز شريف جي سربراهي ۾ س?? پيڪ تحت اربين ڊالرن جي منصوبن تي صحيحون ٿيون، جنهن تحت اڄ هزارين م??گاواٽ بجلي پيدا ٿي رهي آهي، ملڪ ۾ س?? پيڪ تحت ٻيا ڪيترائي منصوبا به جاري آهن. وزيراعظم چيو ته پاڪ چين دوستي هاڻي اڳئين مرحلي ۾ داخل ٿيندي. ويجهي ماضي ۾ س?? پيڪ پنهنجي پيدا ڪيل مشڪلاتن سبب تعطل جو شڪار ٿيو. انڊسٽريل زونز ٺهڻا هئا جيڪي نه ٺهي سگهيا، هاڻي ا??ان جي ڀرپور ڪوشش آهي ته انهن م??صوبن کي اڳتي وڌايون، پشاور کان ڪراچي ريلوي جي ايم ايل ون م??صوبي ??ان انقلاب ايندو. وزيراعظم پاڪستان اٽامڪ انرجي ڪميشن جي عملدارن، سائنسدانن، انجنيئرز ۽ اسٽاف کي منصوبي تي ڏينهن رات محنت ڪرڻ تي شاباس ڏني ۽ چيو ته اهي ڀرپور ساراهه جي لائق آهن. وزيراعظم چين ??ان حصيداري کي اهم قرار ڏيندي چيو ته وڌيڪ منصوبن جي شروعات ۽ پڄاڻي جي لاءِ چيني ڪمپنين ??ان معاهدا ڪيا ويندا. هن م??صوبي تي ڪم ڪندڙ چيني ڪمپنين جي عهديدارن، انجنيئرز ۽ اسٽاف جا به ٿورا مڃيا ۽ دعوت ڏني ته گڏجي وڌيڪ منصوبن جي لاءِ اڳڀرائي ڪئي وڃي. بعد ۾ وزيراعظم ڪي ٿري آپريشنز روم جو دورو ڪيو، جتي کيس منصوبي جي حوالي ??ان بريفنگ ڏني وئي.
سستي توانائي پاڪستان جي ضرورت آهي، ڊيمز جي تعمير ۽ متبادل توانائي جي منصوبن جي مڪمل ٿيڻ سان ايندڙ ڪجهه سالن ۾ پاڪستان کي سستي توانائي حاصل ڪرڻ سان اربين ڊالرن جي بچت ٿيندي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : loteria estadual