ملتان – 22 – فيبروري (اي پي پي) خاتون اول بيگم ثمينه عا??ف علوي ملڪ جي معاشي ترقي خاص طور تي روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ ۾ عورتن جي ڪردار کي تسليم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ڪاروبار سان واڳيل عورتون نه رڳو پنهنجي لاءِ پر ٻين عورتن جي لاءِ پڻ روزگار جي فراهمي ۽ افرادي قوت ۾ ص??في امتياز کي ختم ڪرڻ ۾ مدد ڪن ٿيون. اهڙن خيالن جو اظه??ر هن ملتان گيريزن ۾ ٽن ڏينهن واري بليو فيئر ٽريڊ ايڪسپو جي افتتاح?? تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. اها نمائش وومين چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽ??ي ملتان جي اهتمام هيٺ منعقد ڪئي پئي وڃي ۽ ان ۾ دستڪاري، ڪپڙن، ٻارن جي ڪپڙن، زيورن، فرنيچر، ڪاسميٽڪس، جوتن خاص طور تي ملتاني کُسي، ڪاٺ جي سامان ۽ کاڌي جا اسٽالز لڳايا ويا آهن. هن سال يونيورسٽي جي شاگردن پاران هٿ جي هُنرن جي اسٽالن سميت ايڪسپو ۾ 100 کان وڌيڪ اسٽالز لڳايا ويا آهن. بليو فيئر ۾ سڄي ملڪ مان خاص طور تي ڏکڻ پنجاب مان عورت ڪاروباري شخصيتون شرڪت ڪري رهيون آهن. افتتاح?? تقريب کي خطاب ڪندي ثمينه عا??ف علوي ملتان چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري پاران عورتن کي معاشي سرگرمين ۾ شامل ڪرڻ جي قدم کي ساراهيندي چيو ته هي عورتن کي معاشي طور تي خودمختيار بڻائڻ ۽ سياسي ۽ سماجي اهميت وا??ي معاملي تي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪرڻ جو پليٽ فارم ثابت ٿي رهيو آهي. هن چيو ته فيشن شوز ۽ نمائشون عورتن جي ڪاروبار کي فروغ ڏيڻ جا طريقا آهن ڇو ته اهي سرگرميون روايتي ۽ جديد دستڪاري، ڪپڙن ۽ روزاني جي استعمال جي شين جي نمائش جا موقعا فراهم ڪن ٿيون. هن وڌيڪ چيو ته اهڙي قسم جون نمائشون عورتن جي ڪاروبار کي فروغ ڏيڻ کانسواءِ انهن کي نيٽ ورڪنگ ۽ رابطي جي ترقي جا موقعا پڻ فراهم ڪن ٿيون. بيگم ثمينه عا??ف علوي ٻڌايو ته دماغي صحت جي مسئلن جي لاءِ هڪ هيلپ لائين قائم ڪئي پئي وڃي جڏهن ته هوءَ پاڻ ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت آگاهي پيدا ڪرڻ سان گڏوگڏ معذور ماڻهن جي لاءِ پڻ ڪم ڪري رهي آهي. بليو فيئر جي سفير ۽ ڊبليو سي سي آئي جي اڳوڻي صدر فاطمه فضل چيو ته ڏکڻ پنجاب تخليقي صلاحيتن، فن ۽ دستڪارن جو مرڪز آهي، هن وڌيڪ چيو ته ملتان ۾ ايڪسپو سينٽر ڏکڻ پنجاب جي عورت واپارين جي لاءِ موقعا کوليندو. ڊبليو سي سي آئي جي سرپرست اعليٰ فرخ مختار پنهنجي خطاب ۾ چيمبر جي ڪارڪردگي کي ساراهيو. ان موقعي تي خاتون اول مختلف اسٽالز جو دورو ڪيو ۽ شاندار نمائش منعقد ڪرڻ تي ڪاريگرن جي محنت ۽ چيمبر جي ڪوششن کي ساراهيو.
ڪاروبار سان واڳيل عورتون صنفي امتياز کي ختم ڪرڻ ۾ مدد ڪن ٿيون: بيگم ثمينه عارف علوي
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے اعداد و شمار