اسلام آباد – 09 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ??ان تنزانيه ۾ پاڪستان جي نامزد هاءِ ڪمشنر سراج احمد خان ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي پريس و??گ موجب صدر ٻطرفي مفاد جي لاءِ پاڪستان ۽ تنزانيه جي وچ ۾ واپاري ۽ معاشي ??عا??ن وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته پاڪستان تنزانيه ??ان لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو، پاڪستان تنزانيه ??ان معاشي ۽ ثقافتي رابطا وڌائڻ جو خواهشمند آهي، ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ اعليٰ سطحي سياسي ۽ ثقافتي مٽاسٽا جي ضرورت آهي. صدر نامزد هاءِ ڪمشنر کي تنزانيه جي ادارن جي سگهه ۾ اضافي جي لاءِ پاڪستان پاران ??عا??ن وڌائڻ جي هدايت ڪئي. پاڪستان تنزانيه کي سفارتڪاري، بئنڪنگ، ريلوي ۽ پو??ٽل خدمتن ۾ ??عا??ن فراهم ڪري رهيو آهي. صدر نامزد هاءِ ڪمشنر کي تنزانيه ۾ رهندڙ پاڪستانين کي سهولت فراهم ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. هن چيو ته نامزد هاءِ ڪمشنر ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ عوامي رابطا ۽ واپار وڌائڻ جي لاءِ ڪم ڪري، تنزانيه جا شاگرد پاڪستان جي گهٽ قيمت واري ورچوئل تعليمي پروگرام مان فائدو کڻي سگهن ٿا، پاڪستان جي ورچوئل يونيورسٽي ۾ اڳ ۾ ئي اٽڪل 8 هزار غيرملڪي شاگرد ورچوئل تعليم حاصل ڪري رهيا آهن. صدر ڊاڪٽر عارف علوي سراج احمد خان کي تنزانيه ۾ هاءِ ڪمشنر مقرري تي مبارڪباد پڻ ڏني. صدر تنزانيه ??ان لاڳاپا وڌيڪ بهتر ڪرڻ جي لاءِ ڪم جي هدايت پڻ ڪئي.
صدر سان تنزانيه ۾ پاڪستان جي نامزد هاءِ ڪمشنر سراج احمد خان جي مُلاقات
مضمون کا ماخذ : فروٹ شاپ