اسلام آباد – 27 – جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان لائين آف ڪنٽرول کي عبور ڪرڻ بابت ڀارتي دفاع واري وزير جي اشتعال انگيز بيان جي سخت مذمت ڪندي ان کي مڪمل طور تي ناقابل قبول قرار ڏيندي چيو آهي ته اهي ريمارڪس ڀارت پاران پنهنجي پاڙيسري ملڪن خاص طور تي پاڪستان جي خلاف دشمني جي عڪاس ڪن ٿا. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته پاڪستان ڪنهن به جارحيت جي خلاف پنهنجو دفاع ڪرڻ جي پوري صلاحيت رکي ٿو جهڙوڪ فيبروري 2019ع ۾ ڀارت جي غلط مهم جوئي جي جواب ۾ ان جو ڀرپور جواب ڏنو ويو هو. ترجمان چيو ته هي پهريون موقعو نه آهي جو ڀارت جي سياسي اڳواڻن ۽ اعليٰ فوجي آفيسرن آزاد ڄمون ۽ ڪش??ير ۽ گلگت بلتستان بابت اهڙي قسم جا انتهائي غيرذميواراڻا ۽ فريب تي ٻڌل بيان ڏنا آهن. ترجمان چيو ته قوم پرستي ۽ پاڪستان مخالف جذبن کي هوا ڏئي سياسي مقصدن جي ل??ءِ بيان بازي کي معمول بڻايو ويو آهي. پاڪستان کي ڀارتي سياسي معاملن ۾ گهيلڻ جو اهو رواج ختم ٿيڻ گهرجي، اهي انتهائي غيرذميواراڻا بيان علائقائي امن ۽ سلامتي جي ل??ءِ پڻ خطرو آهن ۽ انهن جو مقصد ڏکڻ ايشيا ۾ اسٽريٽجڪ ماحول کي غيرمستحڪم ڪرڻ آهي. ترجمان وڌيڪ چيو ته ڀارت جي اشتعال انگيزين ۽ غيرذميواراڻي رويي جو جواب ڏيڻ جي ل??ءِ پوري طرح تيار رهندي پاڪستان ذميواري سان ڪم ڪندو رهندو ۽ خطي ۾ امن، سلامتي ۽ استحڪام جي فروغ لاءِ سمورين ڪوششن ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندو. هن چيو ته ڄمون ۽ ڪش??ير عالمي سطح تي مڃيل تڪراري علائقو آهي، آزاد ڄمون ۽ ڪش??ير ۽ گلگت بلتستان تي ڀارت جي دعويٰ تخيل تي ٻڌل آهي، نه تاريخ ۽ عالمي قانون، نه ئي اخلاقيات ۽ زميني حالتون ڀارت جي ان فريب جي تصديق ڪري سگهن ٿيون. تنهن ڪري ان کي پنهنجو ڌيان گڏيل قو??ن جي سلامتي ڪائونسل جي ل??ڳاپيل قراردادن تي مڪمل عملدرآمد طرف ڏيڻ گهرجي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته علائقي جو حتمي فيصلو عوام جي مرضي موجب ڪيو ويندو جنهن جو اظهار جمهوري طريقيڪار تحت آزاداڻي ۽ غيرج??نب??اراڻي ريفرنڊم جي ذريعي ٿيڻو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته پاڪستان گڏيل قو??ن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪش??ير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي ل??ءِ پنهنجي ڪش??يري ڀائرن ۽ ڀينرن جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو.
پاڪستان پاران لائين آف ڪنٽرول کي عبور ڪرڻ بابت ڀارتي دفاع واري وزير جي اشتعال انگيز بيان جي سخت مذمت
مضمون کا ماخذ : ولف گولڈ