لاهور – 06 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته واپاري برادري ملڪي معيشت جي بحال?? ۽ ??ماجي مسئلن جي حل لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري، مختلف شعبن خاص طور تي آءِ ٽي سيڪٽر ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري آڻڻ جي لاءِ ڪوششون تيز ڪيون وڃن. اهڙن خيالن جو اظهار هن گورنر هائوس ۾ لاهور چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي عهديدارن سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي ت?? خاتون اول بيگم ثمينه عارف علوي، لاهور چيمبر جو صدر ڪاشف انور، مس فريحه يونس، شميم اختر، ميان جبار خالد، خادم حسين، محمد فهيم يوسف، راجا حسان اختر، عمر داد آفريد?? ۽ ??اهد خليل به موجود هئا. صدر واپارين تي زور ڏنو ته اهي معذور ماڻهن جي بحالي، ڇاتيءَ جي ڪينسر، ذهني مرض ۾ مبتلا ماڻهن کي ??عاشري جو ڪارائتو شهري بڻائڻ ۽ ٻارن جي تعليم لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. هن چيو ته انهن مسئلن جي حل لاءِ حڪومت سان گڏوگڏ پرائيويٽ سيڪٽر کي به پنهنجو حصو وجهڻ گهرجي. هن چيو ته انهن مسئلن تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ آگاهي سيشنز ۽ سيمينارز منعقد ڪيا وڃن. صدر ذهني ۽ نفسياتي صحت جي حوالي سان ڳالهائيندي چيو ته ذهني مرض کي ??نهن ڏيڻ جي لاءِ ڊائيلاگ جي ضرورت آهي، گهر کان وٺي ڪم ڪار وارين جاين تي ٽريننگ جو خصوصي بندوبست ٿيڻ گهرجي ته ??يئ?? اهڙن ماڻهن کي ان مرض کان بچائڻ جي لاءِ آگاهي ڏئي سگهجي. تعليم جي حوالي سان ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته اڍائي ڪروڙ کان وڌيڪ ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن جنهن جي لاءِ هزارين اسڪولن جي ضرورت آهي، ان مسئلي کي حل ڪرڻ جي لاءِ اسڪولن جون شفٽون وڌائڻ سان گڏوگڏ مسجدن ۾ ٻارن کي ??ڙهائڻ جو انتظام ڪيو وڃي. عورتن کي بااختيار بڻائڻ جي حوالي سان صدر چيو ته لاهور چيمبر جا ميمبر ان ڪم وارين جاين تي عورتن جي انگ ۾ اضافو ڪن. معيشت جي مختلف شعبن ۾ 35 سيڪڙو عورتن جي نمائندگي تمام ضروري آهي ته ??يئ?? ملڪي ترقي ۾ عورتون پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهن. صدر کي ??ڌايو ويو ته لاهور چيمبر جا 32 هزار ميمبر آهن ۽ 25 سيڪڙو عورتن کي ??لازمت جي فراهمي جو هدف پورو ڪيو ويو آهي. صدر چيو ته لاهور چيمبر جي ميمبرن جي انفرادي ڪوششن سان وڏي انگ ۾ ٻارن کي اسڪول موڪلي سگهجي ٿو. منفرد صلاحيتون رکندڙ ماڻهن جي لاءِ به انفراد?? ۽ ??جتماعي سطح تي ڪوششن جي ضرورت آهي. لاهور چيمبر جي صدر ڪاشف انور صدر کي ??ڌايو ته لاهور چيمبر جي انتظام هيٺ خصوصي ماڻهن جي بحالي لاءِ ليبارڊ جي نالي سان هڪ ادارو ڪم ڪري رهيو آهي، جنهن جي ذريعي هڪ لک ماڻهن کي ??صنوعي اوزار فراهم ڪيا ويا آهن. شرڪت ڪندڙن سماج?? ۽ ??بي مسئلن تي ڪم ڪرڻ تي صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي جذبي کي ساراهيو.
واپاري برادري ملڪي معيشت جي بحالي ۽ سماجي مسئلن جي حل لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ کے نتائج