اسلام آباد – 05 – آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ته غيرقانوني طور تي رهندڙ ما??هن کي ملڪ بدر ڪر?? جو تازو فيصلو افغان پناهگيرن کي نشانو بڻائڻ جي لاءِ ناهي ڪيو ويو پر اهو ??نه?? سمورن غيرملڪين جي خلاف آهي جن وٽ ويزا دستاويز نه آهن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته پاڪستان ۾ افغان پناهگيرن جي حوالي سان قومي پاليسي ۾ ڪا تبديلي ناهي ٿي ۽ ??نه?? جي محفوظ واپسي ??ڪ جدا مسئلو آهي. ترجمان چيو ته جاري آپريشن ??نه?? ما??هن جي خلاف آهي جن يا ته پنهنجي ويزا کان وڌيڪ قيام ڪيو آهي يا ??نه?? وٽ قيام جي لاءِ صحيح دستاويز نه آهن. هن واضح ڪيو ته ان آپريشن جو ??نه?? افغان پناهگيرن سان ڪو تعلق نه آهي جن جي پاڪستان معاشي مجبورين جي باوجود ڪيترن ئي ڏهاڪن کان ميزباني ڪري رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ ٻطرفو واپار جاري آهي جڏهن ته هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان ٽرانزٽ ٽريڊ جي سهولتن جي غلط استعمال کي قبول نه ڪندو. هن چيو ته پاڪستان واضح طور تي افغانستان کان خطرن بابت پنهنجي خدشن جو اظهار ڪندو رهيو آهي. هن چيو ته اسان سفارتڪاري تي يقين رکون ٿا ۽ افغان عملدارن سان ڳالهه ٻولهه جاري رکنداسين ته جيئن ان ڳالهه کي يقيني بڻائي سگهجي ته افغان سرزمين دهشتگردي کي هوا ڏيڻ جي لاءِ استعمال نه ٿئي. ترجمان چيو ته پاڪستان ڀارتي عملدارن سان رابطي ۾ آهي ۽ ??نه?? تي زور ڏنو ويو آهي ته اهي پاڪستاني صحافين ۽ تماشائين کي ويزا جاري ڪن جيڪي ڀارت ۾ آءِ سي سي ورلڊ ڪپ ڏسڻ چاهين ٿا. هن چيو ته اها ميزبان ملڪ جي ذميواري آهي ته اهو پاڪستان ڪر??يٽ ٽيم کي سيڪيورٽي ۽ سازگار ماحول فراهم ڪري. ترجمان ان ڳالهه تي زور ڏنو ته راندين کي سياست کان سان ڳنڍڻ نه گهرجي. هن چيو ته پاڪستاني ٽيم ٻطرفي ڪر??يٽ سيريز جي لاءِ ڀارت ج?? دورو نه ڪري رهي آهي ۽ ان کي عالمي سيريز ۾ شرڪت ج?? پورو حق حاصل آهي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ ترجمان چيو ته پرڏيهي وزارت کي اليڪشن ڪميشن پاران ايندڙ عام چونڊن جي لاءِ عالمي مبصرن کي گهرائڻ جو باضابطا پيغام مليو آهي. هن چيو ته ان عمل کي پاليسي ۽ ماضي جي طرزعمل موجب آسان بڻايو ويندو.
غيرقانوني طور تي رهندڙ ماڻهن کي ملڪ بدر ڪرڻ جو تازو فيصلو افغان پناهگيرن کي نشانو بڻائڻ جي لاءِ ناهي: پاڪستان
مضمون کا ماخذ : جڑواں اسپن