اسلام آباد – 01 – ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ورلڊ ڪلائميٽ ايڪشن سمٽ ۾ شرڪت جي لاءِ گڏيل عرب ??مارات ۾ آهي، نگران وزيراعظم ورلڊ ڪلائميٽ ايڪشن سمٽ کي خطاب ۾ موسمياتي تبديلي بابت پاڪستان جو ويزن پيش ڪندو. پريس بريفنگ ۾ ترجمان چيو ته دبئي ۾ نگران وزيراعظم جي ايجنڊا ۾ سربراهي اجلاس ۾ اعليٰ سطحي شرڪت ۽ سائيڊ لائينز تي ٻطرفيون ملاقاتون شامل آهن. هو ڇنڇر ڏينهن سربراهه اجلاس کي خطاب ڪندو جتي ??و موسمياتي تبديلي لاءِ پاڪستان جو ويزن پيش ڪرڻ سان گڏوگڏ لاس اينڊ ڊيميج فنڊ ۾ ڪيل واعد?? جي وڪالت ڪندو. ترجمان چيو ته نگران وزيراعظم موسمياتي ريزيليئنس جي لاءِ برابري ۽ عالمي تعاون تي به زور ڏيندو. ترجمان چيو ته ڪوپ ??? 28 ۾ پاڪستان جو مقصد لاس اينڊ ڊيميج فنڊ کي بحال ڪرڻ جي لاءِ گلوبل اسٽاڪ ٽيڪ سان هڪ بامعنيٰ نتيجاخيز ۽ موسمياتي فنانس ۾ ساليانو 100 ارب ڊالر گڏ ڪرڻ جي ڊگهي مدي واري هدف کي مڪمل ڪرڻ جي لاءِ اسرندڙ ملڪن سان تعاون ڪرڻو آهي. هن چيو ته عالمي موسمياتي سربراهي اجلاس جي لاءِ دبئي وڃڻ کان اڳ نگران وزيراعظم 26 ??? 28 نومبر تي گڏيل عرب ??مارات ۽ 28 – 29 نومبر تي ڪويت جو دورو ڪيو. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ۽ گڏيل عرب ??مارات جي صدر شيخ محمد بن زيد النهيا?? جي وچ ۾ ٿيندڙ ملاقات ۾ ڌرين ٻطرفي اسٽريٽجڪ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي اڳواڻن علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي به خيال?? جي ڏي وٺ ڪئي ۽ والاريل فلسطين ۾ انساني حق?? جي سنگين صورتحال ۽ انساني همدرديءَ جي صورتحال تي ڌيان ڏنو. هن چيو ته نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ڪوپ ??? 28 جي لاءِ گڏيل عرب ??مارات جي صدارت لاءِ پاڪستا?? جي مڪمل حمايت جو ورجاءُ به ڪيو. ڌرين توانائي، پورٽ آپريشن پراجيڪٽس، ڪچري جي صفائي، پاڻي جي صفائي، خوراڪ جي حفاظت، لاجسٽڪس معدنيات، بئنڪنگ ۽ مالياتي خدمت?? جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي تعاون بابت ڪيترين ??ي مفاهمت جي ياداشتن تي صحيحون ڪيون ويون.
نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ورلڊ ڪلائميٽ ايڪشن سمٽ کي خطاب ۾ موسمياتي تبديلي بابت پاڪستان جو ويزن پيش ڪندو: پرڏيهي آفيس
مضمون کا ماخذ : علاقائی کلیدی الفاظ